عالمي چئلينجز جي گڏيل حل ۾ پارليامينٽن جو ڪردار انتهائي اهم آهي: سينيٽر شيري رحمان

اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارتيءَ جي سينيٽ ۾ پارلياماني اڳواڻ ۽ سينيٽ جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سينيٽر شيري رحمان سان يورپي يونين جي ترقيءَ بابت پارلياماني ڪميٽي جي وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب وفد جي اڳواڻي يورپي يونين جي ميمبر لوڪاس مينڊل (اِي پي پي، آسٽريا) ڪئي، ساڻس رابرٽ بيڊرون (نائب چيئرمين ڊي اي …

اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارتيءَ جي سينيٽ ۾ پارلياماني اڳواڻ ۽ سينيٽ جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سينيٽر شيري رحمان سان يورپي يونين جي ترقيءَ بابت پارلياماني ڪميٽي جي وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب وفد جي اڳواڻي يورپي يونين جي ميمبر لوڪاس مينڊل (اِي پي پي، آسٽريا) ڪئي، ساڻس رابرٽ بيڊرون (نائب چيئرمين ڊي اي وي اي) ۽ يورپي پارليامينٽ جا سينيئر ميمبر شامل هئا. سينيٽر شيري رحمان وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پارليامينٽن وچ ۾ ٻه طرفي سفارتڪاري عالمي چئلينجز جي گڏيل حل لاءِ نهايت ضروري آهي. هن چيو ته خاص ترقياتي سهڪار، واپار، عوامي صحت، لڏپلاڻ ۽ جاري انساني بحرانن جي شعبن ۾ سهڪار انتهائي اهم آهي. هن چيو ته اسان پارلياماني ڳالهين جي اهميت کي تسليم ڪريون ٿا. اسان عالمي موسمياتي عمل ۽ گهڻ رُخي فورمز تي يورپي ساٿين سان وسيع پيماني تي ڪم ڪيو آهي ۽ يورپي يونين جي مسلسل سهڪار کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. اقتصادي سهڪار جي حوالي سان شيري رحمان يورپي يونين جي ”جي ايس پي پلس“ پروگرام جي توسيع ۽ تسلسل جي اهميت تي زور ڀريو. هن ٻُڌايو ته پاڪستان جو يورپي يونين کي روانگي واپار 9 ارب ڊالر آهي جڏهن ته ڪل ٻه طرفو واپاري ڳاڻيٽو 12 ارب ڊالر آهي. 2024ع ۾ يورپي يونين پاڪستان جو ٻيو وڏو واپاري ڀائيوار هو جيڪو ڪل واپار جو 12.4 سيڪڙو آهي. هن چيو ته واپار معاشرن کي مضبوط ۽ روزگار پيدا ڪري ٿو. اسان گلوبل گيٽ وي انيشيئٽو ۽ ايندڙ اي يو پاڪستان بزنس فورم ذريعي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جا خواهشمند آهيون. وفد جي سربراهه لوڪاس مينڊل پاڪستان جي ميزبانيءَ تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته چونڊيل نمائندن وچ ۾ سڌيءَ ريت رابطا تمام اهم آهن. هي دؤرو ان ڳالهه جي علامت آهي ته يورپي پارليامينٽ پاڪستان سان پنهنجن ناتن کي ڪيتري اهميت ڏئي ٿي. اسان هتي پاڪستان جي ترجيحن، چئلينجز ۽ گڏيل سهڪار جي امڪانن کي سمجهڻ لاءِ آيا آهيون. ڊي اي وي اي جي نائب چيئرمين رابرٽ بيڊرون موسمياتي تبديلي جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اسان عالمي موسمياتي ڳالهين ۾ پاڪستان جي ڪردار کي تسليم ڪريون ٿا. آبي وسيلن جو انتظام، پن بجلي جي ترقي، ۽ ٻيلن جي ڪٽائي روڪڻ جهڙا مسئلا انتهائي اهم آهن. سينيٽر شيري رحمان وفد جي سوالن جي جواب ۾ پاڪستان تي پوندڙ موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته 2022ع ۾ پاڪستان جو هڪ ڀاڱي ٽيون حصو پاڻيءَ ۾ ٻڏل هو ۽ هن سال به 65 لک ماڻهو سڌيءَ ريت ٻوڏ سبب متاثر ٿيا. ماڻهو زندگيون، روزگار، چوپايو مال، زمين ۽ مٽيءَ جي زرخيزي وڃائي ويهن ٿا. پاڪستان جو عالمي نيڪال ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پر اسان موسمياتي بحران جي پهرين صف تي آهيون. سماجي تحفظ ۽ عورتن کي بااختيار بنائڻ تي ڳالهائيندي هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام گهريلو سطح تي عورتن کي سڌيءَ ريت بااختيار بڻائي ٿو ۽ عالمي بئنڪ موجب سڄي دنيا ۾ بهترين ماڊل مڃيو ويو آهي. هن آباديءَ جي دٻاءُ کي موسمياتي دٻاءُ، غذائي عدم تحفظ ۽ موافقت جي محدود صلاحيتن کي هڪ سنگين مسئلو قرار ڏنو. موسمياتي لڏپلاڻ اسان جي شهرن جو نقشو بدلائي رهي آهي ۽ غير رسمي وسنديون تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن جتي مڪاني سهولتن جي فراهمي ممڪن ناهي. ٻي طرف ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته موسمياتي تبديلي، اقتصادي مضبوطي ۽ انساني ترقي گڏيل طور تي جڙيل چئلينجز آهن جن لاءِ جٽادار ڀائيواري گهربل آهي. ڌُرين طئي ڪيو ته ٻه طرفن رابطن کي وڌيڪ منظم ڪيو وڃي، ترقياتي سهڪار کي هٿي وٺرائي وڃي ۽ پارلياماني مٽاسٽا کي هٿي وٺرائي وڃي. يورپي پارليامينٽ جي ٻين سينيئر ميمبرن ۾ اسپين مان خوان فرنينڊولوپيز آگويلار، آسٽريا مان ايم اي پي رين هولڊ لوپاتڪا، اي پي پي گروپ ايڊوائيزر آندرس پيٽرسن، ڪميٽي سيڪريٽريٽ ايڊمنسٽريٽر ڪرسچن ميسيٿ، ڪميٽي سيڪريٽري اسسٽنٽ جينيٽا چويڪووا، پاڪستان بابت يورپي يونين جي سفير ريمونڊ ڪاروبلس، هيڊ آف ڪوآپريشن، اي يو ڊي جيرون وليمز، ٽيم ليڊ گروننس اينڊ هيومن ڪيپيٽل، اي يو ڊي سيبا سچن لوريون ۽ پروگرام مئنيجر، پارليامينٽس اينڊ جينڊر ايڪواليٽي، اي يو ڊي بريخنه اجمل شامل هئا.