ريلوي واري وفاقي وزير سان آل چائينا فيڊريشن آف انڊسٽري اينڊ ڪامرس جي سيڪريٽري جنرل جي ملاقات

اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) آل چائينا فيڊريشن آف انڊسٽري اينڊ ڪامرس (اي سي ايف آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل جياني يي پنهنجي وفد سان گڏ ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ چين جي نالي واري لاجسٽڪ ڪمپنين جا نمائندا به شامل هئا. ريلوي وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ريلوي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري، فني سهڪار ۽ …

اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) آل چائينا فيڊريشن آف انڊسٽري اينڊ ڪامرس (اي سي ايف آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل جياني يي پنهنجي وفد سان گڏ ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ چين جي نالي واري لاجسٽڪ ڪمپنين جا نمائندا به شامل هئا. ريلوي وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ريلوي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري، فني سهڪار ۽ گڏيل منصوبن جي امڪانن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفاقي وزير وفد کي پاڪستان ريلوي جي جاري ۽ مستقبل جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. هن ٻُڌايو ته ڪراچي کان روهڙي سيڪشن تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) سان معاهدو طئي ٿي چڪو آهي، جڏهن ته روهڙي کان پشاور، نوڪنڊي کان گوادر ۽ ايم ايل-2، اٽڪ کان روهڙي رٿائن تي چين سان سهڪار جا امڪان غور هيٺ آهن. محمد حنيف عباسي چيو ته ڪراچي پورٽ کان پشاور تائين ريلوي ٽريڪ مڪمل فعال آهي، جنهن سان وچ ايشيائي رياستن تائين واپاري پهچ ممڪن بڻجي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد- تهران- استنبول (آءِ ٽي آءِ) ريلوي منصوبو علائقائي رابطن ۽ عالمي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهميت رکي ٿو. ان موقعي تي هن چيو ته پاڪستان ريلوي بزنس ٽو بزنس سهڪار ۽ بلڊ آپريٽ ٽرانسفر ماڊل تحت گڏيل منصوبن لاءِ کليل آهي. مستقبل ۾ چين سان فني سهڪار سان فريٽ آپريشنز، لاجسٽڪ چين ۽ ريلوي انڊسٽري ۾ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ جا امڪان روشن آهن. هن چيو ته چيني سيڙپڪاريءَ سان پاڪستان ريلوي جي بنيادي ڍانچي جي اپ گريڊيشن، رفتار ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ نمايان بهتري ايندي ۽ ڄاڻايل سهڪار سان پاڪستان کي خطي ۾ ريلوي ٽرانزٽ حب بڻجڻ جو سونهري موقعو ملندو. چيني وفد پاڪستان ريلوي جي جاري سڌارن وارن قدمن، ويزن ۽ پاليسي رُخ کي ساراهيو. ملاقات ۾ ڌُرين مستقبل ۾ فني تربيت، جديد نظامن کي لاڳو ڪرڻ ۽ ريلوي لاجسٽڪ نيٽ ورڪ کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير ان موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻي معاشي ڀائيواريءَ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي سهڪار سان ريلوي جي شعبي ۾ ترقيءَ جا نوان دروازا کُلندا.