اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزير اعظم جي صنعت ۽ پيداوار بات خاص معاون هارون اختر خان جي صدارت ۾ پاسڊيڪ جي نمائندن سان اجلاس منعد ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ ماربل جو معيار وڌائڻ ٽيڪنالاجي جي مٽا سٽا ڪرڻ ۽ ايڪسپورٽ وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. اجلاس ۾ هارون اختر خان چيو ته پاڪستان جي ماربل انڊسٽري ۾ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي جنهن …
هارون اختر خان جي صدارت ۾ اجلاس، پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ ماربل جو معيار وڌائڻ، ٽيڪنالاجي جي مٽا سٽا ڪرڻ ۽ ايڪسپورٽ وڌائڻ تي ڳالهيون
اسلام آباد- 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزير اعظم جي صنعت ۽ پيداوار بات خاص معاون هارون اختر خان جي صدارت ۾ پاسڊيڪ جي نمائندن سان اجلاس منعد ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان ۽ اٽلي وچ ۾ ماربل جو معيار وڌائڻ ٽيڪنالاجي جي مٽا سٽا ڪرڻ ۽ ايڪسپورٽ وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. اجلاس ۾ هارون اختر خان چيو ته پاڪستان جي ماربل انڊسٽري ۾ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي جنهن سان نه رڳو ملڪي معيشت کي فائدو ٿيندو پر روزگا جا به نوان موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته حڪومت ماربل جي معيار کي عالمي سطح تي بلند ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي ته جيئن پاڪستان جو ماربل عالمي منڊين تائين ايڪسپورٽ ۾ چٽاڀيٽي حيثيت حاصل ڪري سگهي. خاص معاون پاسڊيڪ کي هدايت ڪئي ته ماربل جي معيار ۾ بهتري ۽ عالمي ايڪسپورٽ صلاحيت ۾ واڌ لاءِ هڪ جامع منصوبو هڪ هفتي اندر تيار ڪري پيش ڪيو وڃي.











