چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جو مالديپ جو سرڪاري دؤرو، دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا مالديپ جو سرڪاري دؤرو ڪيو. هن مالديپ جي قيادت سان ملاقاتن ۾ بدليل علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي ماحول ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفي دفاعي سيڪيورٽي تعاون کي هٿي ڏيڻ به شامل هئي. پاڪستان جي هاءِ ڪميشن پاران موڪليل پڌرائيءَ موجب پنهنجي دؤري دوران …

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا مالديپ جو سرڪاري دؤرو ڪيو. هن مالديپ جي قيادت سان ملاقاتن ۾ بدليل علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي ماحول ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفي دفاعي سيڪيورٽي تعاون کي هٿي ڏيڻ به شامل هئي. پاڪستان جي هاءِ ڪميشن پاران موڪليل پڌرائيءَ موجب پنهنجي دؤري دوران جنرل ساحر شمشاد مرزا، مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيظو، بچاءُ واري وزير محمد غسان مومون ۽ چيف آف ڊفينس فورس ميجر جنرل ابراهيم حلمي سان ڌار ڌار سان ملاقاتون ڪيون. ان موقعي تي پاڪستان جو مالديپ لاءِ هاءِ ڪمشنر وائيس ايڊمرل (ر) فيصل رسول لوڌي به ساڻس موجود هو. ٻنهي ملڪن جي قيادت تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ مالديپ جا ناتا گڏيل عقيدن، گڏيل احترام ۽ـ اعتماد جي مضبوط بنيادن تي قائم آهن. ڌُريون دفاعي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ، فوجي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي عمل کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. مالديپ جي سول ۽ عسڪري قيادت پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي معيار ۽ـ دهشتگرديءَ خلاف قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. دؤري جي شروعات تي مالديپ نيشنل ڊفينس فورس هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي جنرل ساحر شمشاد مرزا کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. بعد ۾ هن پاڪستان جي هاءِ ڪميشن ۾ هاءِ ڪمشنر فيصل رسول لوڌي سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفي تعاون، واپار، صحت، موسمياتي تبديلي، سياحت، دفاع ۽ سامونڊي شعبن تائين واڌ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو ويو.