آزاديءَ جو آواز بلند اُٿاريندڙ ڪشميري اڄ به ڀارتي جيلن ۾ قيد آهن: امير مقام

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ظلم ۽ ڏاڍ جاري آهي، آزاديءَ جو آواز بلند اُٿاريندڙ ڪشميري اڄ به ڀارتي جيلن ۾ قيد آهن، اسان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکنداسين، پاڪ فوج جي ڪردار سان ڪشمير ڪاز کي …

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ظلم ۽ ڏاڍ جاري آهي، آزاديءَ جو آواز بلند اُٿاريندڙ ڪشميري اڄ به ڀارتي جيلن ۾ قيد آهن، اسان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکنداسين، پاڪ فوج جي ڪردار سان ڪشمير ڪاز کي عالمي سطح تي هٿي ملي. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ حريت اڳواڻن سان ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪشميرين سان يڪجهتيءَ لاءِ ريڊيو پاڪستان کان ڊي چؤڪ تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ڪئي. ريليءَ ۾ مختلف سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ مختلف اسڪولن، ڪاليجن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي. جن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا. هنن ڪشميري عوام جي حق ۾ نعرا لڳايا. ريليءَ کي خطاب ڪندي وفاقي وزير سڀني شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيندي چيو ته 27 آڪٽوبر اهو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڪشمير تي غير قانوني قبضو ڪيو. ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جاري آهي. ڪشميري عوام جي جذبي ۽ عزم کي سلام ڪريان ٿو. ڪشميري عوام اڄ به آزاديءَ لاءِ اهو جذبو رکي ٿو جيڪو 1947ع ۾ هو. لکين ڪشميرين آزاديءَ لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. آزاديءَ جو آواز بلند اُٿاريندڙ هزارين ڪشميري اڄ به ڀارتي جيلن ۾ قيد آهن. هن چيو ته ڀارتي حڪومت ياسين ملڪ کي ڦاسي ڏيڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي، 7 هزار کان وڌيڪ ڪشميري قيدي ڀارتي جيلن ۾ شهيد ٿي چڪا آهن. هڪ لک کان وڌيڪ ٻار يتيم ۽ هزارين عورتون بيواهه ٿي چڪيون آهن، سَوين ڪشميري خاندانن جا گهر ڊاهي پَٽ ڪيا ويا آهن، 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوجي ڄمون ڪشمير ۾ مقرر آهن، اُتي ميڊيا تي مڪمل پابندي لاڳو آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪشمير ۾ انٽرنيٽ بند ڪري ڪشميرين جو آواز دنيا کان لِڪايو پيو وڃي. حريت قيادت مشڪل حالتن باوجود ڪشمير مسئلي کي زندهه رکيو، انهن مظلومن کي سلام پيش ڪريان ٿو، جن قربانيون ڏئي آزاديءَ جي جدوجهد جاري رکي. هن قيد ۽ سختيون برداشت ڪندڙ ڪشميرين جي حوصلن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن جي موجودگي ڪشميرين جي عزم جي عڪاس آهي. پاڪستان ۽ دنيا ۾ ڪشميري عوام اڄ به آزاديءَ جي جنگ وڙهي رهيا آهن، حريت قيادت جون قربانيون اسان لاءِ مشعل راهه آهن. ڀارتي ظلم باوجود ڪشميري عوام جا حوصلا بلند آهن، ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ هر پاڪستاني ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي، اڄوڪو ڏينهن اسان کي اهو ياد ڏياري ٿو ته ڪشمير جي جدوجهد جاري آهي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي سازشن ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي، پاڪستان هميشه ڪشميرين جو آواز بلند ڪيو آهي. پاڪستان ڪالهه به، اڄ به ۽ آئينده به ڪشميرين سان گڏ هوندو، اسان ڪشميري عوام جي آزاديءَ لاءِ آواز اُٿاريندا رهنداسين، پاڪستان هر فورم تي ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي ڳالهه ڪندو رهندو، جيستائين گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل نٿو ٿئي، جدوجهد جاري رهندي. هن چيو ته ڀارت طاقت جي ڏڍ تي ڪشمير کي دٻائي نٿو سگهي، اسان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکنداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف هر عالمي فورم تي ڪشمير جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به ڪشمير ڪاز جي مؤثر نمائندگي ڪئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ مسلم اُمت ۾ ڪشميرين جو مؤقف واضح طور اُٿاريو، ڀارت جي هاڻوڪن قدمن کانپوءِ دنيا به اها حقيقت تسليم ڪئي آهي ته ڪشمير ڪاز ۾ هڪ نئون روح ۽ عزم پيدا ٿي چڪو آهي. پاڪ فوج فيلڊ مارشل عاصم منير جي اڳواڻيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته زميني، سامونڊي ۽ فضائي فوج مادرِ وطن جي دفاع لاءِ ساراهه جوڳيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. پاڪ فوج جي ڪردار سان ڪشمير ڪاز کي عالمي سطح تي هٿي ملي آهي. دنيا تي واضح ٿي چڪو آهي ته خطي جي امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل اڻٽر آهي.