27 آڪٽوبر 1947ع تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي مڪمل حمايت جاري رکنداسين: سينيٽر روبينه خالد

اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت، زبردستي ڪشمير جي سرزمين تي پنهنجو قبضو ڄمايو. والاريل ڪشمير جو عوام ڪيترن ڏهاڪن کان ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهي. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي جاري بيان ۾ هن چيو ته والاريل ڪشمير جي …

اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت، زبردستي ڪشمير جي سرزمين تي پنهنجو قبضو ڄمايو. والاريل ڪشمير جو عوام ڪيترن ڏهاڪن کان ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهي. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي جاري بيان ۾ هن چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام ڀارت طرفان نسل ڪشي، قتل ۽ بدترين ظلمن کي مُنهن ڏئي رهيو آهي. عالمي برادري کي والاريل ڪشمير جي عوام لاءِ آواز بلند ڪرڻو پوندو.  سينيٽر روبينه خالد چيو ته 70 سالن کان والاريل ڪشمير جا مسلمان ڀارتي فوج جي ظلم جا شڪار آهن، مودي لکين مسلمانن جو رت وهايو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو عوام والاريل ڪشمير سان گڏ آهي، والاريل ڪشمير جو بهادر عوام جيڪي ظلم خلاف آواز بلند ڪري رهيا آهن، مان انهن کي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿي. سينيٽر روبينه خالد چيو ته اسان ڪشميري عوام کي يقين ڏياريون ٿا، ته اسان ساڻن گڏ آهيون ۽ انهن جي آزادي جي جدوجهد ۾ مڪمل حمايت جاري رکنداسين.