رياض – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جي خصوصي دعوت تي نائين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ رياض پهچي ويو. وزيراعطم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچڻ تي رياض جي نائب گورنر شهزاده محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد …
وزيراعظم محمد شهباز شريف نائين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ رياض پهچي ويو
رياض – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جي خصوصي دعوت تي نائين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ رياض پهچي ويو. وزيراعطم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچڻ تي رياض جي نائب گورنر شهزاده محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي ۽ پاڪستان جي سعودي عرب ۾ سفير احمد فاروق وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ بلال بن ثاقب وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطحي وفد ۾ شامل آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف رياض ۾ منعقد فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. هو دوري دوران سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان ٻطرفي ملاقات ڪندو جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ افرادي قوت جي شعبن ۾ تعاون جي وڌيڪ فروغ تي ڳالهه ٻولهه کانسواءِ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. وزيراعظم فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ۾ شرڪت جي لاءِ آيل عالمي اڳواڻن ۽ عالمي ادارن جي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.











