صوفي بزرگ حضرت شاهه رڪن الدين عالم ملتاني جون عرس واريون تقريبون 28 آڪٽوبر کان شروع ٿينديُون

ملتان- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) روحاني پيشوا حضرت شاهه رڪن الدين عالم ملتاني جي 712هين ساليانو عرس مبارڪ جون ٽن ڏينهن واريون تقريبون 28 آڪٽوبر کان دربار عاليه قاسم باغ ملتان ۾ شروع ٿينديون. جنهن جي شروعات صبح 10 وڳي تقريب مزار کي غسل ڏسڻ سان شروع ٿينديون. ان کانپوءِ اوقاف کاتي ۽ پاڪستان زڪريا اڪيڊيمي جي انتظام هيٺ ساليانو شاهه رڪن عالم قومي ڪانفرنس منعقد ٿيندي. عرس مبارڪ …

ملتان- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) روحاني پيشوا حضرت شاهه رڪن الدين عالم ملتاني جي 712هين ساليانو عرس مبارڪ جون ٽن ڏينهن واريون تقريبون 28 آڪٽوبر کان دربار عاليه قاسم باغ ملتان ۾ شروع ٿينديون. جنهن جي شروعات صبح 10 وڳي تقريب مزار کي غسل ڏسڻ سان شروع ٿينديون. ان کانپوءِ اوقاف کاتي ۽ پاڪستان زڪريا اڪيڊيمي جي انتظام هيٺ ساليانو شاهه رڪن عالم قومي ڪانفرنس منعقد ٿيندي. عرس مبارڪ جي ٻئي ۽ ٽئين ڏينهن جي تقريبن ۾ ناليوارا عالم شريڪ ٿيندا. لاڳاپيل ادارن ۽ ضلعي انتظاميه عرس مبارڪ  جا سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. سڄي ملڪ مان زائرين جي آمد جو سلسلو به شروع ٿي چڪو آهي.