ڀارت جون ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون جاري آهن: ريلوي وارو وفاقي وزير حنيف عباسي

اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشمير جي تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڄمون ڪشمير تي غيرقانوني قبضي جي شروعات ڪئي جنهن ڪشميري عوام کي ڏهاڪن تي ٻڌل ظلم ۽ محرومي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي پيغام …

اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشمير جي تاريخ جو اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڄمون ڪشمير تي غيرقانوني قبضي جي شروعات ڪئي جنهن ڪشميري عوام کي ڏهاڪن تي ٻڌل ظلم ۽ محرومي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته ڪشميري عوام آزادي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ سندن حوصلو اڄ به اٽل آهي.هن چيو ته جيڪڏهن آزادي جي قيمت ڪنهن کي معلوم ڪرڻي آهي ته اهو ڪشميرين کان پڇي جيڪي نسلن کان ڀارتي ڏاڍ جي پاڇي ۾ پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت مظلوم ڪشميرن جو آواز دٻائڻ لاءِ ظلم ۽ ڏاڍ جون سموريون حدون پاري ڪري ڇڏيون آهن. جڏهن ته 05 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدمن به ڀارتي ناپاڪ ارادن کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اڄ به ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون جاري آهن ۽ عالمي برادري کي ان جو سختي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي . وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪشمير مسئلو رڳو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ئي حل ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت هر عالمي فورم تي جاري رکندو ڇاڪاڻ ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ ڪشميرين جو ڏک اسان جو ڏک آهي. هن عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان هميشه ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل هوندو ۽ سندن آزادي واري جدوجهد ۾ هر سطح تي انهن جي حمايت جاري رکندو.