اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ڪشمير جو ڪارو ڏينهن مظلوم ڪشميري عوام جي آزادي واري جدوجهد ۽ ظالم کي انجام جي ياد ڏياري ٿو. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ڪشمير وادي اڄ به قرباني، صبر ۽ حوصلي جو لازوال داستان لکي رهي آهي.ظلم ۽ ڏاڍ جي ڊگهي سفر …
عالمي برادري ڀارت کي ڪشمير بابت گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ڪشمير جو ڪارو ڏينهن مظلوم ڪشميري عوام جي آزادي واري جدوجهد ۽ ظالم کي انجام جي ياد ڏياري ٿو. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ڪشمير وادي اڄ به قرباني، صبر ۽ حوصلي جو لازوال داستان لکي رهي آهي.ظلم ۽ ڏاڍ جي ڊگهي سفر باوجود ڪشميري عوام جا حوصلا بلند آهن. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام سان گڏ هو، آهي ۽ هميشه رهندو. پاڪستان حڪومت ۽ عوام ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ان وقت تائين جاري رکندو جيستائين کين حق خود اراديت حاصل نٿو ٿئي. وفاقي وزير چيو ته ڪشمير جي ٻارن، مائرن ۽ نوجوانن حريت ۽ قرباني جي نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. عالمي برادري کي گهرجي ته اها ڪشميرين جي زخمن تي مرحم رکڻ لاءِ اڳيان وڌي ۽ ڀارت کي گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق عمل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري، ڪشميري عوام جو عزم، قرباني ۽ سندن اميد ئي ايندڙ نسل لاءِ آزادي جو پيغام بڻجندي.











