عالمي برادري ڪشميري عوام جي بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي خاموش آهي: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته  ڪشميرين جي حق جي جدوجهد ۾ پاڪستان انهن سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي حق خوداراديت جي حمايت تي قائم آهي. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته عالمي برادري ڪشميري عوام جي بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي خاموش …

اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته  ڪشميرين جي حق جي جدوجهد ۾ پاڪستان انهن سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي حق خوداراديت جي حمايت تي قائم آهي. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته عالمي برادري ڪشميري عوام جي بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي خاموش آهي، عورتن جي حقن جون ڳالهيون ڪندڙ عالمي قوتون ڪشميري عورتن تي ٿيندڙ ظلم تي ڇو خاموش آهن. هن چيو ته جڏهن ڳالهه ڪشمير جي اچي ٿي ته اتي دنيا انساني حق وساري ويهي ٿي.پاڪستان ڪشميري عوام جي حق خوداراديت جي حمايت تي قائم آهي. اسان اڳ به ڪشميري عوام سان گڏ هئاسين، اڄ به آهيون ۽ مستقبل ۾ ساڻن گڏ رهنداسين. مصدق ملڪ چيو ته ڪشميرين جي حقن جي جدوجهد ۾ پاڪستان ساڻن گڏ آهي، اڄ جو ڏينهن ڏک ۽ عزم جو آهي.