اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير محسن نقوي ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان ڀرپور يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان، ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت هر عالمي فورم تي پوري قوت سان جاري رکندو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته 27 آڪٽوبر اهو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت والاريل ڪشمير تي غير قانوني قبضو ڪري تاريخ جو ڪارو باب …
پاڪستان هر عالمي فورم تي ڪشمير جي حمايت پوري قوت سان جاري رکندو: محسن نقوي
اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير محسن نقوي ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان ڀرپور يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان، ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت هر عالمي فورم تي پوري قوت سان جاري رکندو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته 27 آڪٽوبر اهو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت والاريل ڪشمير تي غير قانوني قبضو ڪري تاريخ جو ڪارو باب لکيو. ڀارتي فوج 1947ع کان والاريل واديءَ کي ظلم، ڏاڍ ۽ رياستي دهشتگرديءَ جي اذيت گهر ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پيلٽ گنز، جبري گمشدگيون، عدالت کان مٿانهون قتل ۽ عورتن جي بي حرمتي ڀارتي ڏاڍ جو دل جنجهوريندڙ چهرو آهي. محسن نقوي ڪشمير جي شهيدن، حريت اڳواڻن، قيدين ۽ مظلوم خاندانن کي سلام پيش ڪندي چيو ته انهن بهادر ماڻهن ڀارتي ڏاڍ آڏو ڪنڌ نه جهڪايو. محسن نقوي چيو ته گڏيل قومن جي ٺهرائن ۾ واضح طور تي تسليم ڪيو ويو آهي ته ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ کي ڪرڻ جو حق حاصل آهي، پر ڀارت انهن ٺهرائن کي پائمال ڪري نه صرف عالمي قانون پر انسانيت جي حرمت کي به مجروح ڪيو آهي. هن قائداعظم محمدعلي جناح جي قول ڪشمير ”پاڪستان جي شه رڳ آهي“ جو حوالو ڏيندي چيو ته هي صرف هڪ جملو نه پر اسان جي قومي سُڃاڻپ جي علامت آهي. ڪشمير مسئلي جو حل صرف ڪشميري عوام جي اُمنگن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ممڪن آهي. گهرو وزير چيو ته پاڪستان ظلم خلاف ڪشميري عوام جي جدوجهد ۾ ساڻن بيٺل رهندو. هن چيو ته ڪشميري عوام جي جدوجهد پاڪستان جي ڌڙڪن آهي.











