ڪاري ڏينهن جي مناسبت سان مظفر آباد ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي ٻين علائقن ۾ ڀارت مخالف احتجاجي مظاهرا

مظفر آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي گاديءَ واري هنڌ مظفر آباد ۾ رياست جي مختلف شهرن ۾ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڀارت مخالف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڄمون ڪشمير شاخ جي انتظام هيٺ مظفر آباد ۾ برهان واني چؤڪ کان ڊي سي آفيس تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڄمون …

مظفر آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي گاديءَ واري هنڌ مظفر آباد ۾ رياست جي مختلف شهرن ۾ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڀارت مخالف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڄمون ڪشمير شاخ جي انتظام هيٺ مظفر آباد ۾ برهان واني چؤڪ کان ڊي سي آفيس تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڄمون ڪشمير شاخ جي ڪنوينيئر غلام محمد صفي ريلي جي اڳواڻي ڪئي جنهن ۾ جماعت اسلامي آزاد ڪشمير جي امير ڊاڪٽر مشتاق احمد، پ پ جي شوڪت جاويد مير، الطاف حسين واني، راجا سجاد، زاهد اشرف، زاهد صفي، گلشن اقبال ۽ مشتاق الاسلام سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. مظاهرو ڪندڙن ”گو انڊيا گو بيگ“، ”ڀارتي قبضو ختم ڪريو“، ”اسان آزادي چاهيون ٿا“ ۽ ”پاڪستان زندهه باد“ جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا لڳايا. مقررن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت ڪشميري عوام جي خواهشن جي ابتڙ سرينگر ۾ پنهنجي فوج لاهي ڄمون ڪشمير تي غير قانوني ۽ غير اخلاقي قبضو ڪيو. هنن چيو ته ڀارتي حڪومت جو اهو قدم ننڍي کنڊ جي ورهاست جي منصوبي، ٻه قومي نظريي ۽ سمورن ملڪي ۽ عالمي قانونن ۽ اصولن جي ڀڃڪڙين سان گڏوگڏ ڪشميري عوام جي اُمنگن خلاف هو. هنن چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڪشميرين جو قتل ڀارتي رياستي دهشتگرديءَ جو بدترين مثال آهي. هنن چيو ته علائقي ۾ ڀارتي فوج جي وڌندڙ پُرتشدد ڪارروايون ان ڇوٽ جو نتيجو آهن جيڪي کين ڪاري قانون تحت حاصل آهن. مقررن چيو ته ڀارت والاريل علائقي ۾ غير قانوني طور غير ڪشميرين کي ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ جاري ڪري مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي پر ڪشميري عوام کيس پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. مقررن گڏيل قومن ۽ عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته هو والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.