سرينگر-27 آڪٽوبر (اي پي پي) غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس، عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو اڳتي اچن ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام کي پنهنجي مادر وطن تي ڀارت جو ڏهاڪن کان پراڻو قبضو ختم ڪرائڻ ۾ انهن جي مدد ڪري. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرشيد منهاس، سرينگر مان جاري هڪ بيان …
عالمي برادري ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن مطابق حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: حريت قيادت
سرينگر-27 آڪٽوبر (اي پي پي) غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس، عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو اڳتي اچن ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام کي پنهنجي مادر وطن تي ڀارت جو ڏهاڪن کان پراڻو قبضو ختم ڪرائڻ ۾ انهن جي مدد ڪري. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرشيد منهاس، سرينگر مان جاري هڪ بيان ۾ چيو ته ڀارت گذريل 78 سالن کان ڄمون ڪشمير جي هڪ وڏي حصي تي غيرقانوني طور تي قابض آهي. هن چيو ته ڪشميري هر سال سڄي دنيا ۾ 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن جي طور تي ملهائين ٿا ته جئين ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي رد ڪيو وڃي ۽ مڪمل آزادي تائين جدوجهد جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري سگهجي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن غلام محمد خان سوپوري، ايڊووڪيٽ ارشد اقبال، حفيظ فهميده، مولانا مصعب ندوي، تحريڪ حريت ڄمون ڪشمير، مسلم ڪانفرنس ۽ پيپلز ليگ جي نمائندن سرينگر مان پنهنجي ڌار ڌار بيانن ۾ چيو ته ڪشميرين جي منصفاڻي آزادي واري جدوجهد کي فوجي طاقت کان دٻائي نٿو سگهجي. ٻئي طرف ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڄمون ڪشمير شاخ جي ڪنوينر غلام محمد صفي، محمود احمد ساغر، محمد فاروق رحماني، الطاف حسين واني، شيخ عبدالمتين ۽ ٻين پنهنجي بيانن ۾ 27 آڪٽوبر کي ڪشمير جي جديد تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن قرار ڏنو. هنن چيو ته 1947ع ۾ اڄوڪي ڏينهن ڀارت جي کليل فوجي اڳرائي ڪشمير تڪرار جو بنيادي سبب بڻي جنهن سبب 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ کانپوءِ به ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام خطري جي ور چڙهيل آهي. هنن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جن جي توثيق ان وقت جي وزيراعظم جواهر لال نهرو سميت ڀارت جي نمائندن به ڪئي هئي.











