اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته مجموعي قومي پيداوار ۾ معتدل اؤسر، مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي باوجود ٽيڪس وصوليءَ ۾ واڌ ٿي آهي، جاري مالي سال دوران حاصل ٿيل معاشي استحڪام کي جٽادار بنيادن تي اڳتي وٺي وينداسين، ڊسمبر 2028ع تائين ڪراچيءَ کان روهڙي تائين ايم ايل ون ۽ روهڙي کان نوڪنڊي تائين ڪي ايم ايل ٿري …
ڪمزور طبقن کي رليف فراهم ڪرڻ پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي: بلال اظهر ڪياني
اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته مجموعي قومي پيداوار ۾ معتدل اؤسر، مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي باوجود ٽيڪس وصوليءَ ۾ واڌ ٿي آهي، جاري مالي سال دوران حاصل ٿيل معاشي استحڪام کي جٽادار بنيادن تي اڳتي وٺي وينداسين، ڊسمبر 2028ع تائين ڪراچيءَ کان روهڙي تائين ايم ايل ون ۽ روهڙي کان نوڪنڊي تائين ڪي ايم ايل ٿري سيڪشن کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، وزيراعظم ملڪي معيشت ۾ نجي شعبي جي فعال ۽ متحرڪ شموليت ۽ اهم ڪردار تي يقين رکي ٿو، وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ٽيرف ڪميشن جي حوالي سان هڪ خاص ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ڪالهه قومي معيشت بابت معاملن تي پريس بريفنگ دوران مملڪتي وزير چيو ته گذريل ڏيڍ سال ۾ ڪلي معيشت جي استحڪام جو سفر ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌيو آهي، مهانگائيءَ جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، پرائمري بيلنس جو هدف حاصل ڪيو ويو آهي، جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح ۾ واڌ ٿي، گذريل سال مهانگائيءَ جي 23 سيڪڙو جي شرح هلندڙ سال گهٽ ٿي 4.5 سيڪڙو ٿي وئي آهي، 14 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي کاتن جو توازن فاضل آهي، ان سان ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ٿي، پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو مان گهٽجي 11 سيڪڙو جي سطح تي آهي. هن چيو ته گذريل مالي سال دوران ڪيترائي ڀيرا چيو ويو ته مني بجيٽ ايندو پر حڪومت پرائمري بيلنس جا هدف به پورا ڪيا ۽ ڪو مني بجيٽ نه آيو. هن چيو ته توانائيءَ سميت مختلف شعبن ۾ سڌارن جو سلسلو جاري آهي ان جي نتيجي ۾ بجليءَ جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي، نجڪاريءَ جو عمل به اڳتي وڌي رهيو آهي، فرسٽ وومين بئنڪ جي ڪامياب نجڪاري ٿي چڪي آهي، ايندڙ مهيني پي آءِ اي جي نجڪاريءَ ۾ اڳڀرائي ٿيندي. هن چيو ته ايف بي آر ۽ ٽيڪسن جي شعبي ۾ سڌارن جا بهتر نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، انفورسمينٽ جي مد ۾ ٽيڪس محصولن ۾ واڌ کي آءِ ايم ايف به تسليم ڪيو آهي، مجموعي قومي پيداوار ۾ معتدل اؤسر ۽ مهنگائي جي گهٽ شرح باوجود حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ ٽيڪس جي وصوليءَ ۾ واڌ ٿي آهي، ٽيڪس محصولن ۾ 26 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح 8.8 سيڪڙو مان وڌي 10.2 سيڪڙو تائين ٿي وئي، اسان جي ڪوشش آهي ته ان رفتار جي تسلسل کي برقرار رکيو وڃي. بلال اظهر ڪياني چيو ته وزيراعظم ملڪي معيشت ۾ نجي شعبي جي فعال ۽ متحرڪ شموليت ۽ اهم ڪردار تي يقين رکي ٿو، گذريل ڏينهن وزيراعظم نجي شعبي جي اهم ڀائيوارن سان 3 ڪلاڪن تائين اهم مشاورتي ملاقات ڪئي، وزيراعظم سمورن ڀائيوارن جي راين ۽ تجويزن کي ٻُڌو ۽ واپارين ۽ سيڙپڪارن کي چيو ته معيشت کي اڳتي وٺي وڃڻ اسان جو گڏيل هدف آهي، اها مشاورت ۽ ڳالهيون هاڪاري ۽ تعميري ماحول ۾ ٿيون. ان جي نتيجي ۾ گروپس بڻايا ويا جن جي اڳواڻي نجي شعبي جا اهم ڀائيوار ڪندا، جڏهن ته لاڳاپيل کاتن جا نمائندا به ان ۾ شامل هوندا. اهي گروپس 15 نومبر تائين پنهنجون سفارشون ۽ تجويزون جوڙي پيش ڪندا ۽ ان مطابق پاليسي سازيءَ جو عمل اڳتي وڌايو ويندو. نجڪاريءَ جي پروگرام تي اتحادي پارٽين سان اختلافن جي سوال تي مملڪتي وزير چيو ته پ پ حڪومت جي اتحادي پارٽي آهي، اسٽينڊنگ ڪميٽين ۽ ٻين فورمز تي به اسان جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، پ پ جي سمورن خدشن جو ازالو ڪيو وڃي ٿو ۽ سندن سوالن جا جواب ڏنا وڃن ٿا. هن چيو ته معيشت ۾ هاڪاري تبديلين سبب هاڻ واضح بهتري جي اميد پيدا ٿي آهي. هن چيو ته بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين جي نجڪاري جو عمل تيزيءَ سان جاري آهي.











