اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت وارو وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سعودي حڪومت جي دعوت تي 3 ڏينهن جي دوري تي رياض پهچي ويو. سومر ڏينهن صحت وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال پنهنجي قيام دوران سعودي صحت وزارت جي اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪندو. دوري دوران هو پاڪستاني ڪميونٽي جي نمائندن ۽ ناليوارين شخصيتن سان به ملاقات ڪندو. اهو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ …
وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سعودي حڪومت جي دعوت تي 3 ڏينهن جي دوري تي رياض پهچي ويو
اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) صحت وارو وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سعودي حڪومت جي دعوت تي 3 ڏينهن جي دوري تي رياض پهچي ويو. سومر ڏينهن صحت وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال پنهنجي قيام دوران سعودي صحت وزارت جي اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪندو. دوري دوران هو پاڪستاني ڪميونٽي جي نمائندن ۽ ناليوارين شخصيتن سان به ملاقات ڪندو. اهو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو.











