سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پاران عمر ايوب ۽ شبلي فراز جي نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي، نوٽيس جاري

اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني آئيني بينچ عمر ايوب ۽ شبلي فراز جي نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٿي. ٻڌڻي دوران بئريسٽر گوهر علي خان عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته عمر ايوب پنهنجون سموريون اپيلون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن عدالت کي آگاهه ڪيو ته عمر ايوب جي سيٽ تي …

اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني آئيني بينچ عمر ايوب ۽ شبلي فراز جي نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٿي. ٻڌڻي دوران بئريسٽر گوهر علي خان عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته عمر ايوب پنهنجون سموريون اپيلون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن عدالت کي آگاهه ڪيو ته عمر ايوب جي سيٽ تي سندس گهرواري اليڪشن وڙهندي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ خلاف اپيل به واپس ورتي پئي وڃي ڇاڪاڻ ته محمود خان اچڪزئي مخالف ڌر جي اڳواڻ طور نوٽيفاءِ ٿي چڪو آهي. بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته شبلي فراز سينيٽ چيئرمين جي نوٽيفڪيشن خلاف اپيل واپس وٺڻ جي هدايت ڏني آهي پر اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن خلاف درخواست برقرار رکي ويندي. هن گذارش ڪئي ته شبلي فراز جي خالي ٿيل سيٽ تي 30 آڪٽوبر تي ٿيندڙ چونڊ کان اڳ اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن خلاف درخواست تي نوٽيس جاري ڪيا وڃن. عدالت شبلي فراز جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 29 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.