اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪشميري عوام جي عزم ۽ حوصلي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ، ڪارن قانونن جو لاڳو، غيرمقامي ماڻهن کي ڊوميسائيل جاري ڪري آبادياتي ڍانچي ۾ تبديلي ۽ ڪشميري قيادت کي قيد ۾ رکڻ گڏيل قومن جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران ڪشميري عوام جي عزم ۽ حوصلي کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪشميري عوام جي عزم ۽ حوصلي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ، ڪارن قانونن جو لاڳو، غيرمقامي ماڻهن کي ڊوميسائيل جاري ڪري آبادياتي ڍانچي ۾ تبديلي ۽ ڪشميري قيادت کي قيد ۾ رکڻ گڏيل قومن جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهي. بدترين پابندين ۽ چئلينجز جي باوجود ڪشميرين جي جدوجهد بهاري، وقار ۽ ثابت قدمي جو شاندار مثال آهي. ڪشمير ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارتي فوج سرينگر ۾ داخل ٿي ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني قبضو ڪيو. گذريل 78 سالن کان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ڀارتي قابض فوج جي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پنهنجي ڪيترين ئي قراردادن ۾ واضح طور تي طئي ڪيو هو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي نگراني ۾ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرڊم جي ذريعي ٿيندو پر ڀارت انهن قراردادن جي مسلسل خلاف ورزي ڪندي طاقت ۽ ڏاڍ جي زور تي قبضو قائم ڪري رکيو آهي. هن چيو ته پاڪستان سدائين انهن قراردادن جي حرمت ۽ مرڪزيت جو پابند رهيو آهي ۽ عالمي برادري تي مسلسل زور ڏيندو آيو آهي ته جيئن ان پراڻي تڪرار جو منصفاڻو ۽ مستقل حل ممڪن ٿي سگهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀارتي قدمن کانپوءِ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني الميو وڌيڪ سنگين ٿي ويو آهي. ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ، ڪارن قانونن جو لاڳو، غيرمقامي ماڻهن کي ڊوميسائيل جاري ڪري آبادياتي ڍانچي ۾ تبديلي ۽ ڪشميري قيادت کي قيد ۾ رکڻ گڏيل قومن جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارتي عملدارن پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪريڪ ڊائون، بيگناهه ڪشميرين جي گرفتارين، پڇاڳاڇا ۽ گهرن کي تباهه ڪرڻ جهڙن قدمن تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته انساني حقن جي انهن پائمالين کي گڏيل قومن جا ادارا ۽ عالمي انساني حقن جون تنظيمون به دستاويزي شڪل ڏئي چڪيون آهن. هن ڪشميري عوام جي عزم ۽ حوصلي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته بدترين پابندين ۽ چئلينجز جي باوجود ڪشميرين جي جدوجهد بهادري، وقار ۽ ثابت قدمي جو شاندار مثال آهي ۽ انهن جو عزم خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي مسلسل ياد ڏياري ٿو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پيغام ۾ تازي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جو حوالو ڏيندي واضح ڪيو ته ڀارت جي ڏاڍائي ۽ عالمي قانون جي خلاف ورزين سان خطي جي امن ۽ استحڪام کي سنگين خطرو آهي ۽ اهو تڪرار بنا دير جي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ لازمي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي تڪليفن جي خاتمي جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پنهنجي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو ۽ هر عالمي فورم تي انهن جي خودمختياري جي حق جي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو.











