لاهور-27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فيوچر انويسٽمينٽ انيشيئيٽو اجلاس ۾ شرڪت لاءِ رياض روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم سان ان دوري ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ بلال بن ثاقب پُڻ گڏ آهن. رياض ۾ منعقد ٿيندڙ فيوچر انويسٽمينٽ انيشيئيٽو اجلاس ۾ عالمي اڳواڻ، سيڙپڪار، پاليسي ساز …
وزيراعظم محمد شهباز شريف فيوچر انويسٽمينٽ انيشيئيٽو اجلاس ۾ شرڪت لاءِ رياض روانو
لاهور-27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فيوچر انويسٽمينٽ انيشيئيٽو اجلاس ۾ شرڪت لاءِ رياض روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم سان ان دوري ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ بلال بن ثاقب پُڻ گڏ آهن. رياض ۾ منعقد ٿيندڙ فيوچر انويسٽمينٽ انيشيئيٽو اجلاس ۾ عالمي اڳواڻ، سيڙپڪار، پاليسي ساز ۽ ٻين شعبن جُون ناليواريُون شخصيتُون شرڪت ڪنديُون. جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. وزيراعظم پائيدار ترقي، اقتصادي شموليت، جدت ۽ عالمي جاگريافي سياست ۾ تبديلين تي ٿيندڙ بحث ۾ حصو وٺندو ۽ پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران سعودي قيادت سان ملاقاتون به ڪندو، ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. وزيراعظم عالمي اڳواڻن ۽ عالمي تنظيمن جي سربراهن سان پڻ ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ پائيدار ترقي جي حوالي سان تعاون جي سگهه تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.











