وزيراعظم پاران ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا جي وچ ۾ امن معاهدو امن ۽ سفارتڪاري لاءِ تاريخي قرار

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا جي وچ ۾ امن معاهدي کي امن ۽ سفارتڪاري لاءِ تاريخي قرار ڏيندي ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني آهي ۽ امن معاهدي ۾ صدر ٽرمپ جي اهم ڪردار کي ساراهيو آهي. سومر ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ "ايڪس" تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته هي امن ۽ سفارتڪاري لاءِ …

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا جي وچ ۾ امن معاهدي کي امن ۽ سفارتڪاري لاءِ تاريخي قرار ڏيندي ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني آهي ۽ امن معاهدي ۾ صدر ٽرمپ جي اهم ڪردار کي ساراهيو آهي. سومر ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ "ايڪس” تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته هي امن ۽ سفارتڪاري لاءِ هيءَ هڪ ٻيو تاريخي ڏينهن آهي. آئُون ڪوالالمپور امن معاهدي تي ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ جي قيادت ۽ عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو. وزيراعظم چيو ته هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي به خراج تحسين پيش ڪري ٿو، جنهن ڪوالالمپور معاهدي، غزه امن منصوبي ۽ وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اڻٿڪ ڪوششن سان عالمي امن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن سان دنيا ۾ لکين جانيون بچايُون ويُون. وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي ڀاءُ ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم کي به خطي ۾ امن ۽ هم آهنگي لاءِ سندس اڻٿڪ ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو.