لاهور-27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ملڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، مثبت پرڏيهي پاليسي جي ڪري گرين پاسپورٽ جي عزت ۾ اضافو ٿيو آهي، هٿياربند فوج جي پيشيوراڻين صلاحيتن تي فخر آهي، راندين ۾ ڪا به سياست نه هجڻ گهرجي، نوجوانن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ ترجيح آهي. انهن خيالن جو اظهار هن پنجاب پيڊل …
مُلڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، مثبت پرڏيهي پاليسي جي ڪري گرين پاسپورٽ جي عزت ۾ اضافو ٿيو آهي: عطاءُ الله تارڙ
لاهور-27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ملڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، مثبت پرڏيهي پاليسي جي ڪري گرين پاسپورٽ جي عزت ۾ اضافو ٿيو آهي، هٿياربند فوج جي پيشيوراڻين صلاحيتن تي فخر آهي، راندين ۾ ڪا به سياست نه هجڻ گهرجي، نوجوانن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ ترجيح آهي. انهن خيالن جو اظهار هن پنجاب پيڊل ايسوسيئيشن پاران منعقد ڪيل پهرين پنجاب پيڊل چيمپئن شپ 2025ع جي پُڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ بيشمار صلاحيت آهي، ضرورت صرف ان صلاحيت کي استعمال ڪرڻ جي آهي. اها اسان جي قومي ذميواري آهي ته نوجوانن کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪريُون، ان حوالي سان حڪومت جي اولين ترجيح نوجوانن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته سي ڊي اي راندين جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون آهن ۽ اسلام آباد سپر مارڪيٽ ۾ پيڊل ڪورٽون ٺاهيون ويون آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان راندين جي ميدان ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، راندين ۾ سياست نه هجڻ گهرجي، نوجوان نسل کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ پيڊل کي مقام ملي رهيو آهي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت پيڊل کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهُرجي ۽ نوجوانن کي راند لاءِ وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن. ان حوالي سان نجي شعبي کي راندين جي فروغ لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي، ڳوٺن جي سطح تي پُڻ پيڊل ڪورٽون ٺهڻ گهرجن ته جيئن راندين کي فروغ ڏئي سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڪو به مُلڪ ڏانهن ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي، ملڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، هٿياربند فوج سدائين ڪنهن به جارحيت جو مناسب جواب ڏنو آهي ۽ پاڪ فوج جي پيشيوراڻين صلاحيتن تي فخر آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت ملڪ جي ترقي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن. ڪامياب سفارتڪاري جي ڪري پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ عزت ملي رهي آهي ۽ دنيا سان اسان جي لاڳاپن ۾ بهتري آئي آهي. صدر ٽرمپ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي امن لاءِ ڪيل ڪوششن جي واکاڻ ڪئي آهي. حڪومت جي مثبت پرڏيهي پاليسي جي ڪري گرين پاسپورٽ جو عزت ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي دعوت تي ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو ٿي رهيو آهي. ان دوري دوران سعودي عرب سان واپار، سيڙپڪاري، انساني وسيلن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جو عڪاس آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ جي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ خوشخبريُون ملنديُون.











