ڪشميري عوام گذريل 7 ڏهاڪن کان بدترين ڀارتي رياستي ڏاڍ، گهيرن، عدالت کان مٿانهين قتل ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي منهن ڏئي رهيو آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي

پشاور- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج والاريل ڪشمير تي غير قانوني قبضو ڪيو جيڪو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن جي سراسري ڀڃڪڙي هئي. ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي گورنر هائوس پشاور مان جاري ڪيل بيان ۾ خيبرپختونخوا جي گورنر چيو ته اڄ جو ڏينهن هن غير قانوني قبضي خلاف احتجاج ۽ …

پشاور- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج والاريل ڪشمير تي غير قانوني قبضو ڪيو جيڪو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن جي سراسري ڀڃڪڙي هئي. ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي گورنر هائوس پشاور مان جاري ڪيل بيان ۾ خيبرپختونخوا جي گورنر چيو ته اڄ جو ڏينهن هن غير قانوني قبضي خلاف احتجاج ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار طور ملهايو وڃي ٿو. گورنر چيو ته  ڪشميري عوام گذريل 7 ڏهاڪن کان بدترين ڀارتي رياستي ڏاڍ، گهيرن ۽ عدالت کان مٿانهين قتل ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان باوجود سندن حوصلا بلند آهن. ڪشميري عوام گڏيل قومن جي قراردادن موجب پنهنجي خود اراديت واري حق لاءِ پرعزم آهي، فيصل ڪريم ڪنڊي عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته هو والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺن ۽ ڪشميري عوام کي سندن بنيادي خود اراديت وارو حق ڏيارڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪن. گورنر واضح ڪيو ته پاڪستان حڪومت ۽ عوام ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهن ۽ سندن سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکي ويندي.