اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج سرينگر ۾ داخل ٿي نه رڳو عالمي قانونن ۽ اخلاقي اصولن جي کلي ريت ڀڃڪڙي ڪئي پر ڪشميري عوام جي امنگن کي به پائمال ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ جديد تاريخ جي هڪ ڪاري باب جي شروعات ٿي. صدر مملڪت …
صدر آصف علي زرداري پاران ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام
اسلام آباد- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج سرينگر ۾ داخل ٿي نه رڳو عالمي قانونن ۽ اخلاقي اصولن جي کلي ريت ڀڃڪڙي ڪئي پر ڪشميري عوام جي امنگن کي به پائمال ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ جديد تاريخ جي هڪ ڪاري باب جي شروعات ٿي. صدر مملڪت چيو ته ڀارتي ڏاڍ تحت والاريل ڄمون ڪشمير جا بي قصور مرد، عورتون ۽ ٻار گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بدترين رياستي جبر، تشدد ۽ بنيادي انساني حقن جي پائمالين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته هر سال هن ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جو مقصد ڪشميري عوام جي جرئتمنداڻي جدوجهد ۽ سندن لازوال قربانين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي جيڪي پنهنجي خود اراديت واري حق لاءِ ظلم ۽ ڏاڍ سامهون شيهي جي ڀت بڻيل آهن، ڀارتي ڏاڍ باوجود ڪشميرين جا حوصلا اڄ به بلند آهن. صدر آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ ڀارت پنهنجي مڪروه حربن ۾ وڌيڪ شدت پيدا ڪري ڇڏي آهي، ڀارتي حڪومت والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي هڪطرفي طور ختم ڪيو ۽ فوجي گهيرو لاڳو ڪيو، ڪشميرين جي ملڪيتن کي تباهه ڪرڻ جي اجتماعي طريقيڪار کي اختيار ڪيو، اهڙا ڪارا قانون لاڳو ڪيا جيڪي ڪشميرين جي بنيادي آزادي کي ڦرڻ برابر آهن. چرپر، رابطي ۽ اجتماعن تي پابندين سان گڏوگڏ ڪوڙن مقابلن، حراستي تشدد، عدالت کان مٿانهون قتل، جبري گمشدگيون روز جو معمول بڻجي چڪيون آهن. ڀارت منظم رٿابندي تحت ڪشميرين کي انهن جي سرزمين تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت جي پاڪستان خلاف هاڻوڪي جارحاڻي پاليسي جي روشني ۾ ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي اهميت وڌيڪ وڌي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو دارومدار ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل تي آهي، جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب هجي. صدر آصف علي زرداري عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن تي زور ڀريو ته هو ڀارت کي والاريل علائقي ۾ جاري سنگين ۽ منظم انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڏوهي قرار ڏي، ڀارتي ظلمن جو فوري خاتمو يقيني بڻائي ۽ ان پراڻي تڪرار جي حل لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري. گڏيل قومن تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو ڪشميري عوام سان ڪيل واعدا نڀائي، پنهنجي پيغام جي پڄاڻي تي هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان والاريل ڪشمير جي عوام جي جدوجهد ۾ انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. پاڪستاني قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي سان گڏ آهي ۽ انهن جي خوداراديت واري حق جي جدوجهد ۾ هميشه ساڻن گڏ هوندو.











