آر ايل اين جي سان گهريلو صارفين کي معياري ٻارڻ جي فراهمي ممڪن ٿيندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آر ايل اين جي سان گهريلو صارفين کي معياري ٻارڻ جي فراهمي ممڪن ٿيندي، سڄي ملڪ ۾ لکين صارفين گيس ڪنڪشنز جا منتظر آهن، اسامجي حڪومت ملڪ ۾ 20، 20 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيدنگ جو مسئلو حل ڪيو هو، پاڪستان جي ترقي لاءِ ڏانهن رات محنت ڪرڻي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ري گيسيفائيڊ ليڪويفائيڊ …

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آر ايل اين جي سان گهريلو صارفين کي معياري ٻارڻ جي فراهمي ممڪن ٿيندي، سڄي ملڪ ۾ لکين صارفين گيس ڪنڪشنز جا منتظر آهن، اسامجي حڪومت ملڪ ۾ 20، 20 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيدنگ جو مسئلو حل ڪيو هو، پاڪستان جي ترقي لاءِ ڏانهن رات محنت ڪرڻي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ري گيسيفائيڊ ليڪويفائيڊ نيچرل (آر ايل اين) گيس جا گهريلو ڪنڪشنز جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير، اسيمبلي ميمبر، ايس اين جي پي ايل ۽ اعليٰ سرڪاري اختياريون به موجود هيون. وزيراعظم چيو ته گيس ڪنڪشنز جي فراهمي وڏو عوامي مطالبو هو. 2022ع ۾ حڪومت سنڀالي ته گيس ڪنڪشنز جي فراهمي جو تمام گهڻو دٻاءُ هو، سپلاءِ گهٽ، گهرج تمام وڌيڪ هئي، لکين ماڻهو گيس ڪنڪشنز جي انتظار ۾ هئا، جتي پائپ لائنز وڇايون ويون هيون اتي به گيس جي فراهمي ممڪن نه هئي ڇو جو گيس موجود ئي نه هئي، اسان ان مسئلي تي ڌيان ڏنو. اڄ گهريلو صارفين لاءِ معياري ٻارڻ دستياب ٿي ويو آهي، اهو اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي عوامي خدمتن جي قدمن جو ئي سلسلو آهي، 2013ع ۾ ٽيون ڀيرو وزيراعظم چوندجڻ کانپوءِ هن ملڪ ۾ 18، 18 ويهه، ويهه ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪيو هو. اڄ گيس جو مسئلو به مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم سميت اتحادي پارٽين تي ٻڌل پي ڊي ايم جي حڪومت حل ڪيو آهي جنهن تي مان سڀني کي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي لاءِ اسنکي ڏينهن رات محنت ڪرڻي آهي ۽ منهنجي ملڪ کي اڳتي کڻي وڃڻو آهي. وزيراعظم ان کان اڳ تختي جي نقاب ڪشائي ڪري آر ايل اين جي ڪنڪشنز جي فراهيم جو افتتاح ڪيو. توانائي ۽ پيٽروليم ڊويزن بابت وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي حڪومت قطر ۽ ٻين ملڪن سان گڏجي توانائي جو مسئلو حل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ته جيئن ان مسئلي جو حل ڪڍي سگهجي. 2026ع تائين مقامي ٻارڻ جا کوهه به چالو ڪنداسين ۽ عوام کي سستو ۽ معياري ٻارڻ فراهم ڪنداسين. هن چيو ته هاڻي گهرن ۾ گيس سلينڊر نه رکڻا پوندا. هن چيو ته هڪ سال ۾ ايس اين جي پي ايل 29 ارب منافعو ڪمايو، لائن لاسز گهٽجي 4.93 سيڪڙو تي اچي ويا آهن، آر ايل اين جي محفوظ ۽ ماحول دوست ٻارڻ آهي، گيس ڪنيڪشنز جي فراهمي هاڻي آسان ٿي وئي آهي.