اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ۽ آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، خطي جي مجموعي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، منشيات جي خاتمي، انساني اسمگلنگ ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان …
گهرو وزير محسن نقوي سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ۽ آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر جون ڌار ڌار ملاقاتون
اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ۽ آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، خطي جي مجموعي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، منشيات جي خاتمي، انساني اسمگلنگ ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي 5 سالن کانپوءِ برطانيه لاءِ فضائي آپريشن شروع ڪرڻ تي برطانوي حڪومت ۽ هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ٿورن جو اظهار ڪيو. برطانيه جي هاءِ ڪمشنر ۽ آمريڪا جي وقتي سفير منشيات خلاف پاڪ بحريه جي تازي آپريشن کي ساراهيو. برطانوي هاءِ ڪمشنر گهرو وزير کي برطانوي نيشنل ڪرائم ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل جي ايندڙ مهيني پاڪستان جي دوري بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته نيشنل ڪرائم ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل جي پاڪستان جي دوري دوران اميگريشن ۽ منشيات جي روڪٿام جي شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون وينديون. محسن نقوي چيو ته برطانوي هاءِ ڪميشن جي تعاون سان سينٽر آف ايڪسيلينس جهڙا منصوبا پاڪستاني ادارن جي صلاحيت وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. سينٽر آف ايڪسيلنينس جي قيام سان پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ ميوچل ليگل اسسٽنٽس ۽ ايڪسٽرا ڊيشن جي معاملن ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو. برطانوي هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، وقتي سفير چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي شعبن ۾ تعاون جاري رکندو.











