اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته پاڪستان 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندو آهي ته جيئن ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي غير قانوني قبضي جي مذمت ڪري سگهجي. آچر ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارتي فوج ڪشميري عوام جي مرضي خلاف ۽ گڏيل …
27 آڪٽوبر تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، ڀارت ڪشميرين جي مرضي خلاف قبضو ڪيو: اورنگزيب خان کچي
اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته پاڪستان 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندو آهي ته جيئن ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي غير قانوني قبضي جي مذمت ڪري سگهجي. آچر ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارتي فوج ڪشميري عوام جي مرضي خلاف ۽ گڏيل قومن جي قراردادن جي کليل ڀڃڪڙي ڪندي ڄمون ڪشمير تي ناجائز قبضو ڪيو. هن چيو ته اهو ڏينهن دنيا کي ان واعدي جي ياد ڏياري ٿو ته جيڪو ڪشميري عوام سان انهن جي خود اراديت واري حق جي حوالي سان اڄ تائين پورو ناهي ڪيو ويو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان ڪشميري ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو جيستائين هو گڏيل قومن جي قراردادن مطابق پنهنجي خود اراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿا ٿين. هن عالمي برادري، انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي طاقتن کان مطالبو ڪيو ته هو والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج طرفان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺن ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وفاقي وزير چيو ته ثقافتي ۽ تاريخي قدرن جي آزادي، انصاف ۽ انساني وقار جي اصولن تي ٻڌل آهن ۽ ڪشميري عوام انهن اصولن جي پاسداري لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان حڪومت، ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي ۾ بيٺل آهي ۽ انهن جي ڪيس کي عالمي سطح تي اجاگر ڪري ٿي.











