سيڪيورٽي فورسز فتنه الخوارج جي ڪرم ۽ اتر وزيرستان جي علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، 25 دهشتگرد مارجي ويا

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڪرم ۽ اتر وزيرستان ضلعن جي علائقن ۾ فتنه الخوارج جي سرحد مان داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 25 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 5 جوان به شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب خوارجين جا 2 وڏا گروهه 24-25 آڪٽوبر تي ڪرم ضلعي جي علائقي گهڪيا ۽ اتر …

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز ڪرم ۽ اتر وزيرستان ضلعن جي علائقن ۾ فتنه الخوارج جي سرحد مان داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 25 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 5 جوان به شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب خوارجين جا 2 وڏا گروهه 24-25 آڪٽوبر تي ڪرم ضلعي جي علائقي گهڪيا ۽ اتر وزيرستان جي علائقي اسپين وام ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، سيڪيورٽي فورسز اسپين وام ۾ موثر ڪارروائي دوران 4 آپگهاتي بمبارن سميت 15 خوارجين کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته ڪرم جي علائقي گهڪي ۾ سرحد مان داخل ٿيڻ جي ڪوشش ۾ وڌيڪ 10 خوارجي ماريا ويا، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ آيو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 5 جوان شهيد ٿي ويا، شهيد حوالدار منظور حسين جي عمر 35 سال ۽ ضلعي غذر گلگت بلتستان جو رهواسي هو، شهيد سپاهي نعمان الياس ڪياني جي عمر 23 سال، ضلعو پونڇ آزاد ڪشمير، شهيد سپاهي محمد عادل عمر 24 سال ضلعو قصور، شهيد سپاهي شاهجهان عمر 25 سال ضلعو وهاڙي ۽ شهيد سپاهي علي اصغر عمر 25 سال ۽ پاڪ پتڻ ضلعي جا رهواسي هئا. آءِ ايس پي آر چيو ته ترڪيه ۾ پاڪ افغان ڳالهين باوجود فتنه الخوارج جون پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ  جون ڪوششون جاري آهن، پاڪستان مسلسل افغان حڪومت سان پنهنجي سرحد طرف موثر ۽ بارڊر مينيجمينٽ کي يقيني بڻائڻ جو چئي رهيو آهي، اميد آهي ته افغان عبوري حڪومت دوحا معاهدي موجب پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي، افغان حڪومت خوارجين کي پاڪستان خلاف افغان سرزمين کي استعمال کان روڪي، بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جي دفاع لاءِ پرعزم آهن، سيڪيورٽي فورسز طرفان ويزن عزم استحڪام تحت خوارجين کي ختم ڪرڻ لاءِ سنييٽائيزيشن آپريشن جاري آهي، آپريشن پرڏيهي حمايت يافته دهشتگردن کي ختم ڪرڻ لاءِ پوري رفتار سان جاري رهندو.