وزيراعظم پاران ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي 27 کان 29 آڪٽوبر تائين رياض جو دورو ڪندو

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي 27 کان 29 آڪٽوبر تائين هڪ اعلي سطح جي وفد جي اڳواڻي ڪندي رياض جو دورو ڪندو. وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سميت ڪابينا جا اهم وزير شامل هوندا، جيڪي مستقبل جي سيڙپڪاري قدمن (ايف آءِ آءِ 9) جي نائين ايڊيشن ۾ …

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي 27 کان 29 آڪٽوبر تائين هڪ اعلي سطح جي وفد جي اڳواڻي ڪندي رياض جو دورو ڪندو. وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سميت ڪابينا جا اهم وزير شامل هوندا، جيڪي مستقبل جي سيڙپڪاري قدمن (ايف آءِ آءِ 9) جي نائين ايڊيشن ۾ شرڪت ڪندا. گذريل ڏينهن پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب ايف آءِ آءِ 9 عالمي سيڙپڪارن، پاليسي سازن ۽ ماهرن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪندو، جتي ترقي جي ڪنجي: اوسر جون نيون سرحدون حاصل ڪرڻ جي موضوع تي عالمي چيلينجز ۽ موقعن تي غور ڪيو ويندو. انهن مباحثن ۾ جدت، پائيداري، معاشي شموليت ۽ جيوپوليٽيڪل تبديلين جهڙا اهم معاملا به شامل هوندا. وزيراعظم پنهنجي قيام دوران سعودي قيادت سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ افرادي قوت جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌائڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ملاقاتن ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ غور ڪيو ويندو. ايف آءِ آءِ 9 جي موقعي تي وزيراعظم ٻين سيڙپڪار ملڪن جي اڳواڻن ۽ عالمي تنظيمن جي اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ڪندو. انهن رابطن ذريعي پاڪستان جي سيڙپڪاري واري صلاحيت ۽ پائيدار ترقي لاءِ سهڪار جي تياري کي اجاگر ڪيو ويندو، جيڪو سوچيو، ان جي مٽاسٽا ڪيو ۽ عمل ڪيو، جيڪي ماڊل سان هم آهنگ آهي. اهو دور اقتصادي سفارتڪاري کي مضبوط بڻائڻ، سيڙپڪاري، ٽيڪنالوجي ۽ پائيدار ترقي جي شعبن ۾ اسٽريٽجڪ حصيدارين کي هٿي وٺائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جي توثيق ڪري ٿو.