اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ جي ايم اين اي شاهد عثمان ابراهيم جي والده جي وفات تي تعزيت

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ قومي اسيمبلي جي ميمبر شاهد عثمان ابراهيم ۽ اڳوڻي وفاقي وزير عثمان ابراهيم جي رهاشگاهه پهچي شاهد عثمان ابراهيم جي والده جي وفات تي ان سان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير، مرحومه جي بلند درجن ۽ مغفرت لاءِ خاص دعا ڪئي. هن چيو ته ماءُ جهڙي هستي جو جدا ٿيڻ وڏو …

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ قومي اسيمبلي جي ميمبر شاهد عثمان ابراهيم ۽ اڳوڻي وفاقي وزير عثمان ابراهيم جي رهاشگاهه پهچي شاهد عثمان ابراهيم جي والده جي وفات تي ان سان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير، مرحومه جي بلند درجن ۽ مغفرت لاءِ خاص دعا ڪئي. هن چيو ته ماءُ جهڙي هستي جو جدا ٿيڻ وڏو صدمو آهي، الله تعاليٰ مرحومه جي پونئيرن کي صبر عطا فرمائي. ٻئي پاسي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ عامر سهيل بٽ جي گهر وڃي ان جي عيادت ڪئي ۽ سندن جلد صحتيابي لاءِ دعا ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.