راولپنڊي – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير رجمنٽ جي بهادر سپوت نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد (هلال ڪشمير) جو 77 هون شهادت جو ڏهاڙو ملهايو ويو. سندس يوم شهادت تي مسجدن ۾ قرآن خواني ۽ دعائن جو اهتمام ڪيو ويو. ڏينهن جي شروعات مسجدن ۾ قرآن خواني ۽ دعائن سان ٿي ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ خاص دعائن جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي ميجر …
نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد (هلال ڪشمير/ نشان حيدر) جو 77 هون شهادت جو ڏهاڙو ملهايو ويو
راولپنڊي – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير رجمنٽ جي بهادر سپوت نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد (هلال ڪشمير) جو 77 هون شهادت جو ڏهاڙو ملهايو ويو. سندس يوم شهادت تي مسجدن ۾ قرآن خواني ۽ دعائن جو اهتمام ڪيو ويو. ڏينهن جي شروعات مسجدن ۾ قرآن خواني ۽ دعائن سان ٿي ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ خاص دعائن جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي ميجر جنرل توقير عباس شهيد قبر تي گل رکيا. ان موقعي تي عالمن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته شهدن جو رت اسان تي قرض آهي. زنده قومون پنهنجن محسنن جي احسانن کي ناهن وسارينديون، شهيد هميشا زنده هوندا آهن، نائيڪ سيف علي جنجوعه ڌرتي جو بهادر پٽ هو جيڪو هميشا هر دل م زنده رهندو. تفصيل مطابق پاڪ فوج جا بهادر سپوت نائيڪ سيف علي جنجوعه 1948ع جي پاڪ-ڀارت جنگ دوران بهادري سان پير ڪليوه پوسٽ جو دفاع ڪيو. پاڪ فوج جو اهو بهادر سپوت مادر وطن جي دفاع کي يقيني بڻائيندي 26 آڪٽوبر 1948ع تي شهيد ٿيو. 14 مارچ 1949ع تي آزاد ڄمون ڪشمير ڪي ڊيفنس ڪائونسل شهادت کانپوءِ کيس آزاد ڄمون ڪشمير جي سڀني کان وڏي عسڪري اعزاز هلال ڪشمير ڏيڻ جو اعلان ڪيو. بعد ۾ پاڪستان جي حڪومت 1995ع ۾ هلال ڪشمير کي نشان حيدر جي برابر قرار ڏئي ڇڏيو.











