اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي 1948ع ۾ پيرڪليوه محاذ جي هيرو نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد نشان حيدر کي زبردست لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد دشمن جي اڳڀرائي روڪي عسڪري تاريخ ۾ بهادري ۽ شجاعت جو مثال قائم ڪيو. گهرو وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد نشان حيدر کي زبردست لفظن ۾ خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي 1948ع ۾ پيرڪليوه محاذ جي هيرو نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد نشان حيدر کي زبردست لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد دشمن جي اڳڀرائي روڪي عسڪري تاريخ ۾ بهادري ۽ شجاعت جو مثال قائم ڪيو. گهرو وزارت مان جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد دشمن جي يلغار روڪي تاريخ ۾ جرئت جو ناقابل فراموش باب لکيو. بهادر سپوت دشمن جي گوله باري باوجود مورچي کان پوئتي نه هٽيو ۽ زخمي ٿي به جبل وانگر ڄمي بيٺو. محسن نقوي چيو ته نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد جو وطن تي قربان ٿيڻ جو پُختو عزم اڄ به زنده آهي، نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد دشمن جي اڳڀرائي روڪي عسڪري تاريخ ۾ بهادري ۽ شجاعت جو مثال قائم ڪيو. نائيڪ سيف علي جنجوعه جي قرباني ثابت ڪيو ته سپاهي بندوق سان گڏ ايمان جي جذبي سان به وڙهندو آهي. هن چيو ته نائيڪ سيف علي جنجوعه جي عظيم قرباني اڄ به هر جوان جي جذبي کي يقين، عزم ۽ قوت عطا ڪندي آهي. نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد جهڙا سپوت پاڪستان جي هٿياربند فوج جو مان آهن. ياد رهي ته نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد پير ڪليوه راڄوڙي جي چوٽيءَ تي ڀارتي فوج جي هڪ برگيڊ جو مقابلو هڪ پلٽون جي اڻپوري ۽ مختصر نفري سان ڪيو ۽ ڀارتي برگيڊ کي ناڪام بنائيندي شهيد ٿيو. اهڙي طرح هن مشين گن سان دشمن جو هڪ جهاز به ڪيرايو هو.










