ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري 27 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهائيندا

سرينگر- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري 27 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهائيندا ته جئين عالمي برادري جو ڌيان ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غير قانوني قبضي طرف ڇڪائي سگهجي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج 27 آڪٽوبر 1947 تي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي واري فارمولي جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪشميري عوام جي مرضي خلاف ڄمون ڪشمير تي حملو ڪري …

سرينگر- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري 27 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهائيندا ته جئين عالمي برادري جو ڌيان ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غير قانوني قبضي طرف ڇڪائي سگهجي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فوج 27 آڪٽوبر 1947 تي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي واري فارمولي جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪشميري عوام جي مرضي خلاف ڄمون ڪشمير تي حملو ڪري اتي غير قانوني قبضو ڪيو هو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ترجمان سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشمرين تي زور ڀريو آهي ته اهي اڄ سومر 27 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهائن ته جئين عالمي برادري کي اهو باور ڪرائي سگهجي ته ڪشمير مسئلو عالمي امن لاءِ تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿو ، ڪشمري مسئلي کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.