اسلام آباد- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ٿائيلينڊ جي اڳوڻي راڻي (ڪوئين) سري ڪت جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت، اڳوڻي راڻي (ڪوئين) جي وفات تي ٿائي بادشاهه، شاهي خاندان ۽ عوام سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام، ٿائي قوم جي ڏک ۾ برابر …
صدر پاران ٿائيلينڊ جي اڳوڻي راڻي (ڪوئين) سري ڪت جي وفات تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ٿائيلينڊ جي اڳوڻي راڻي (ڪوئين) سري ڪت جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت، اڳوڻي راڻي (ڪوئين) جي وفات تي ٿائي بادشاهه، شاهي خاندان ۽ عوام سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام، ٿائي قوم جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. صدر مملڪت، راڻي (ڪوئين) سري ڪت جي خدمتن ۽ وقار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ٿائي عوام سان گڏ آهي.










