اسلام آباد- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي آءِ اي جي اسلام آباد کان مانچسٽر سڌي ريت اڏامن جي شروعات تي سموري قوم خاص طور تي برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي مبارڪون ڏنيون آهن. هن هوا بازي بابت وزير خواجه محمد آصف، سول ايوي ايشن اٿارٽي، پي آءِ اي ۽ لاڳاپيل ادارن جي اختيارين جي ان عمل ۾ ڪوششن جي به ساراهه ڪئي. هن جو چوڻ …
وزيراعظم پاران پي آءِ اي طرفان اسلام آباد کان مانچسٽر سڌي ريت اڏام جي شروعات تي سموري قوم کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي آءِ اي جي اسلام آباد کان مانچسٽر سڌي ريت اڏامن جي شروعات تي سموري قوم خاص طور تي برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي مبارڪون ڏنيون آهن. هن هوا بازي بابت وزير خواجه محمد آصف، سول ايوي ايشن اٿارٽي، پي آءِ اي ۽ لاڳاپيل ادارن جي اختيارين جي ان عمل ۾ ڪوششن جي به ساراهه ڪئي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي هر اداري ۾ سڌارن سان بهتري جو سفر تيزي سان جاري آهي. گذريک ڏينهن پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم پي آءِ اي جي اسلام آباد کان مانچسٽر سڌي ريت اڏامن جي شروعات جي حوالي سان چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان جي سڃاڻپ سڄي دنيا ۾ بحال ٿي رهي آهي، پابندي سبب پي آءِ اي جي ساک کي نقصان پهتو جنهن کي ڪيترن ئي سالن جي محنت کانپوءِ بحال ڪيو ويو. پي آءِ اي جي سڌي ريت اڏامن سان برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري کي فائدو پهچندو. هن چيو ته سڌي ريت اڏامن جي بحالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن ۾ نئين مضبوطي ايندي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي هر اداري ۾ سڌارن سان بهتري جو سفر تيزي سان جاري آهي.










