پي آءِ اي جي مانچسٽر لاءِ سڌي ريت اڏامن جي شروعات پاڪ برطانيا لاڳاپن ۾ تاريخي سنگ آهي: خواجه محمد آصف

اسلام آباد- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) حڪومت جي هڪ وڏي ڪاميابي طور پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن (پي آءِ اي) اسلام آباد کان مانچسٽر تائين سڌي ريت اڏامن جي باضابطا شروعات ڪري ڇڏي، اها اڳڀرائي پاڪستان جي فضائي صنعت ۽ برطانيا سان ٻه طرفي لاڳاپن ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي. پهرين اڏام جو افتتاح دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف اسلام آباد انٽرنيشل ايئرپورٽ تي منعقد هڪ تقريب ۾ …

اسلام آباد- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) حڪومت جي هڪ وڏي ڪاميابي طور پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن (پي آءِ اي) اسلام آباد کان مانچسٽر تائين سڌي ريت اڏامن جي باضابطا شروعات ڪري ڇڏي، اها اڳڀرائي پاڪستان جي فضائي صنعت ۽ برطانيا سان ٻه طرفي لاڳاپن ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي. پهرين اڏام جو افتتاح دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف اسلام آباد انٽرنيشل ايئرپورٽ تي منعقد هڪ تقريب ۾ ڪيو. ان موقعي تي برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ، دفاع وارو سيڪريٽري جنرل (ر) محمد علي، ڊي جي سول ايوي ايشن اٿارٽي نادر شفيع ڊار، دفاع ۽ هوابازي جا اعليٰ عملدار موجود هئا. وفاقي وزير خواجه محمد آصف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هي قدم حڪومت طرفان قومي ادارن جي بحالي، عوامي سهولتن ۾ بهتري ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي سڃاڻپ کي هٿي ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن جو تسلسل آهي. هن چيو ته اسلام آباد کان مانچسٽر سڌي ريت اڏامن جي شروعات پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ رابطن جي نئين دور جي شروعات آهي، جيڪو اتي موجود پاڪستاني برادري لاءِ وڏي سهولت فراهم ڪندو. ان موقعي تي هن ڊي جي سي اي اي نادر شفيع ڊار، ايوي ايشن ڊويزن ۽ پي آءِ اي جي انتظاميا جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته انهن جي اڻٿڪ محنت ۽ پيشيوراڻي ڪارڪردگي سبب اهم ڪاميابي ممڪن ٿي. هن چيو ته اها اڳڀرائي حڪومت جي اثرائتي حڪمت عملي ۽ اداري جاتي سهڪار جو نتيجو آهي. اسلام آباد کان مانچسٽر سڌي ريت اڏامن جي شروعات پاڪستان جي فضائي صنعت لاءِ تاريخي اڳڀرائي آهي جيڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سياحت ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندي.