اسلام آباد -24 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پولينڊ سان سياسي ۽ معاشي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اها ڳالهه صدر آصف علي زرداري پولينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير رادوسواف سڪورسڪي سان ملاقات دوران چئي جنهن صدر آصف علي زرداري سان ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر پولينڊ سان پراڻي …
پاڪستان پولينڊ سان سياسي ۽ معاشي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد -24 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پولينڊ سان سياسي ۽ معاشي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اها ڳالهه صدر آصف علي زرداري پولينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير رادوسواف سڪورسڪي سان ملاقات دوران چئي جنهن صدر آصف علي زرداري سان ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر پولينڊ سان پراڻي لاڳاپن کي گڏيل احترام ۽ تعاون تي ٻڌل قرار ڏنو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، معاشي ۽ ثقافتي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پولينڊ جو سفير ميچي پسارسڪي ۽ گهرو وزارت ۽ انتظاميا جو انڊر سيڪريٽري ميچي دشچڪ پڻ ملاقات جي لاءِ آيل وفد ۾ شامل هئا. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جا وسيع امڪان موجود آهن. صدر آصف علي زرداري پولش ڪمپنين کي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. صدر خطي ۾ امن، استحڪام ۽ معاشي رابطن جي فروغ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. ٻنهي طرفان تعليم، دفاع ۽ عوامي مٽاسٽا جي فروغ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري يورپي يونين جي ايس پي پلس تي پاڪستان جي حمايت تي پولينڊ جا ٿورا ادا ڪيا. پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر سليم مانڊوي والا، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ موجود هئا.










