اسلام آباد -24 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٽانڪ ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ٽانڪ ۾ دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي تي خراج تحسين …
صدر آصف علي زرداري پاران ٽانڪ ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد -24 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٽانڪ ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ٽانڪ ۾ دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي تي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. صدر آصف علي زرداري دهشتگردي جي خلاف آپريشن ”عزمِ استحڪام“ جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. صدر چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ دهشتگرد پاڪستان جي امن ۽ استحڪام جا دشمن آهن. صدر چيو ته ملڪ جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانيون رائيگان نه وينديون. صدر شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان دشمن عنصرن جي ڪڌي ارادن کي ناڪام بڻايو ويندو.









