اسلام آباد -24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي 27 آڪٽوبر تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي پوري ملڪ ۾ صبح 10 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب هڪ منٽ جي خاموشي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي …
وزيراعظم جي هدايت تي 27 آڪٽوبر تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو

مزید خبریں
اسلام آباد -24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي 27 آڪٽوبر تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي پوري ملڪ ۾ صبح 10 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب هڪ منٽ جي خاموشي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي آزادي جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ اختيار ڪئي ويندي. جاري نوٽيفڪيشن ۾ سمورن سرڪاري ۽ نجي ادارن، تعليمي ادارن ۽ عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪشمير جي مظلوم عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪن.










