ريلوي واري وفاقي وزير جي ايران جي روڊز اينڊ اربن ڊولپمينٽ واري وزير سان ملاقات

اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي اسلام آباد ۾ رٿيل ريجنل ٽرانسپورٽ منسٽرز ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن ايراني روڊز اينڊ اربن ڊولپمينٽ واري وزير فرزانه صادق سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن و چ ۾ ٻه طرفي ريلوي تعاون، فريٽ آپريشنز ۽ واپاري رابطن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ريلوي واري وفاقي وزير ايراني وفد جي اچڻ تي ٿورو مڃيندي چيو ته …

اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي اسلام آباد ۾ رٿيل ريجنل ٽرانسپورٽ منسٽرز ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن ايراني روڊز اينڊ اربن ڊولپمينٽ واري وزير فرزانه صادق سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن و چ ۾ ٻه طرفي ريلوي تعاون، فريٽ آپريشنز ۽ واپاري رابطن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ريلوي واري وفاقي وزير ايراني وفد جي اچڻ تي ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪستان اسلامي جمهوريه ايران سان ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ناتن ۾ نمايان بهتري آئي آهي ۽ ريلوي جي شعبي ۾ سهڪار جي نئين دؤرجا دروازا کُلي رهيا آهن. ٻنهي ملڪن ريلوي جي شعبي ۾ گڏيل ايڪشن پلان تي اتفاق ڪيو ۽ انفراسٽرڪچر ۽ آپريشنز ۾ سهڪار وڌائڻ تي غور ڪيو. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسلام آباد- تهران- اسنتبول (آءِ ٽي آءِ) فريٽ ٽرين ڊسمبر 2025ع ۾ ٻيهر هلائي ويندي ته جيئن خطي جي ملڪن وچ ۾ واپاري رابطن کي هٿي ملي سگهي. ايراني وزير چيو ته وچ ايشيائي ملڪ ايران ذريعي عالمي مارڪيٽن سان جڙي رهيا آهن ۽ پاڪستان ۽ ايران گڏجي چين کي يورپ سان جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ريلوي رابطن ۾ واڌ لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. محمد حنيف عباسي چيو ته پاڪستان ۽ ايران جو نظام 1917ع سان ڳنڍيل آهي جڏهن ته پاڪستان ڪار ريلوي نظام 1861ع ۾ قائم ٿيو ۽ ان جي اپ گريڊيشن جو عمل تيزيءَ سان جاري آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ ريلوي سڌارن جو نئون باب شروع ٿي چڪو آهي جنهن تحت ڪراچي پورٽ سان فريٽ ٽرانسپورٽ جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو پيو وڃي. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته روهڙي کان نوڪنڊي 884 ڪلوميٽر سيڪشن تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو جڏهن ته ڪوئيٽه کان تافتان سيڪشن جي اپ گريڊيشن ايندڙ سال شروع ڪئي ويندي. ٻنهي ملڪن فريم ورڪ آف ڪوآپريشن تحت ريلوي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ ڪمرشل سرگرمين ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ گڏيل منصوبو خطي ۾ معاشي ترقي جون نيون راهون هموار ڪندو ۽ گڏيل ناتن کي هڪ نئين دؤر ۾ داخل ڪندو.