اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آيه ته برانڊز ملڪن جي ساک مضبوط ڪرڻ ۽ اقتصادي سفارتڪاريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، برانڊ پاور اڪانومي قومي ترقيءَ جو نئون انجڻ آهي، پاڪستاني برانڊز کي صارفين جي اعتماد کي مضبوط بڻائيندي قميت بدران قدر ۽ معيار کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن 16هين سالياني برانڊز ايوارڊز تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب …
برانڊز ملڪن جي ساک مضبوط ڪرڻ ۽ اقتصادي سفارتڪاريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا: سينيٽ چيئرمين
اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آيه ته برانڊز ملڪن جي ساک مضبوط ڪرڻ ۽ اقتصادي سفارتڪاريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، برانڊ پاور اڪانومي قومي ترقيءَ جو نئون انجڻ آهي، پاڪستاني برانڊز کي صارفين جي اعتماد کي مضبوط بڻائيندي قميت بدران قدر ۽ معيار کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن 16هين سالياني برانڊز ايوارڊز تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته معيشتن جي ترقي ۽ معاشي خوشحاليءَ ۾ برانڊ مرڪزي حيثيت رکن ٿا. برانڊز ملڪن جي ساک مضبوط ڪرڻ ۽ اقتصادي سفارتڪاريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، پاڪستاني برانڊز عالمي سطح تي پنهنجي جاءِ ٺاهي رهيا آهن ۽ پاڪستان جي هاڪاري سُڃاڻپ اجاگر ڪري رهيا آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته راندين، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ خدمتن سبب پاڪستاني برانڊز هٿي وٺي رهيا آهن، هڪ مضبوط برانڊ تحقيق، ڊزائين، مارڪيٽنگ ۽ جدت جي عمل مان جنم وٺي ٿو، پاڪستان جي نئين نسل وٽ تخليقي سوچ، ٽيڪنالاجي ۽ عزم موجود آهي. هن چيو ته پاڪستاني برانڊز پنهنجي جدت ۽ معيار سان دنيا ۾ ملڪ جو هاڪاري تاثر اجاگر ڪري رهيا آهن. ڊجيٽل معيشت جي تيزيءَ سان هٿي وٺڻ سبب ملڪ جي ننڍن ۽ ٻهراڙي جي علائقن جا نوجوان به اِي ڪامرس ذريعي دنيا سان جڙي چڪا آهن. هن چيو ته اسان جي ذميداري آهي ته اسان اهڙو فزيڪل ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر تيار ڪريون جيڪو نوجوانن جي خوابن کي اُوچي اُڏام ڏئي سگهي، برانڊ پاور اڪانومي قومي ترقيءَ جو نئون انجڻ آهي، ايوارڊ ماڻيندڙ ۽ نامزد ادارا هڪ پُراعتماد ۽ معاشي طور تي مضبوط پاڪستان جا معمار آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستاني برانڊز قومي معيشت جو اڻٽر ٿنڀ آهن. اڄ مان هتي هڪ مهمان نه پر اوهان جي جدوجهد، عزم ۽ ارتقا جو گواهه بڻجي آيو آهيان، طاقتور معيشتن جي بنياد ان جي برانڊز جي عالمي سُڃاڻپ تي قائم آهي. هن چيو ته پروڊڪٽ اها آهي جيڪا اوهان وِڪرو ڪريو ٿا پر برانڊ اهو آهي جنهن سبب ماڻهو خريد ڪن ٿا. پاڪستاني برانڊز کي صارفين جي اعتماد کي مضبوط بڻائيندي قيمت بدران قدر ۽ معيار کي ترجيح ڏيڻ گهرجي، جڏهن ڪو پاڪستاني برانڊ عالمي سطح تي ڪامياب ٿئي ٿو ته اهو پاڪستان جو چهرو بڻجي ملڪ جي ساک کي مضبوط ڪري ٿو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته برانڊز فائونڊيشن ڪاروباري معيار ۽ برانڊ ڪلچر کي هٿي ڏيڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. تقريب جي آخر ۾ مختلف شعبن ۾ تعلق رکندڙ نالي وارين ڪمپنين ۽ ڪاروباري شخصيتن ۾ ايوارڊز ورهايا ويا.











