قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران هنگو ڌماڪن جي مذمت

اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق هنگو ڌماڪن جي مذمت ڪندي ان ۾ ايس پي آپريشنز اسد زبير ۽ ٻين شهيد پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن پوليس جي بهادر آفيسر ۽ جوانن جي جرئت ۽ بهادريءَ کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ـ شهيد پوليس آفيس ۽ اهلڪارن جي ڪٽنبن سان دلي تعزيت جو اظهار …

اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق هنگو ڌماڪن جي مذمت ڪندي ان ۾ ايس پي آپريشنز اسد زبير ۽ ٻين شهيد پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن پوليس جي بهادر آفيسر ۽ جوانن جي جرئت ۽ بهادريءَ کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ـ شهيد پوليس آفيس ۽ اهلڪارن جي ڪٽنبن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن جي وارثن سان گڏ آهي، دهشتگرد بزدلاڻي ڪاررواين سان قوم جا حوصلا خطا نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پهرين قطار ۾ بيٺل آهن، دهشتگردن خلاف مؤثر ۽ فيصلائتي ڪارروائي جاري رهندي. هن چيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ قومي اتحاد ۽ يڪجهتي اڻٽر آهي، پوليس جا بهادر جوان پنهنجي رت سان وطن جو دفاع ڪري رهيا آهن، دهشتگردن جي ناپاڪ عزمن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل ڪٽنبن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي.