اسلام آباد ۾ ترقياتي منصوبن جي تڪميل سان نه شهرين کي سهولت سان گڏوگڏ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ٿيندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد  -24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ترقياتي منصوبن جي تڪميل سان نه رڳو شهرين کي سهولت ملندي ۽ رستن تي ٽريفڪ جاري رهندي پر دنيا ۾ ملڪ جو مثبت تشخص پڻ اجاگر ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شاهين چوڪ انڊر پاس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي …

اسلام آباد  -24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ترقياتي منصوبن جي تڪميل سان نه رڳو شهرين کي سهولت ملندي ۽ رستن تي ٽريفڪ جاري رهندي پر دنيا ۾ ملڪ جو مثبت تشخص پڻ اجاگر ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شاهين چوڪ انڊر پاس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير، اسيمبلي ميمبر ۽ اسلام آباد جا نمائندا ۽ گهرو وزارت ۽ سي ڊي اي سميت لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هڪ ٻئي انڊر پاس جي تعمير سان وفاقي گادي واري شهر ۾ اهم رستن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو، ٽريفڪ جام ختم ٿيندي ۽ ٽريفڪ جي رواني جاري رهندي. هن ترقياتي منصوبن جي تيزي سان تڪميل تي گهرو وزير ۽ سندس ٽيم کي ساراهيندي چيو ته شهر کي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، تيز رفتاري سان منصوبن جي تڪميل سان شنگهائي تعاون تنظيم جي ايندڙ اجلاس جيڪو اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو، جي ذريعي اسلام آباد ۽ ملڪ جو هڪ سٺو ۽ مثبت تشخص اجاگر ٿيندو ۽ بهترين انتظامن کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي بهترين مفاد ۾ سمورن منصوبن کي مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم کي ان موقعي تي منصوبي بابت بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته هن منصوبي جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو. گهرو وزير محسن نقوي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مارگلا روڊ تي ٽريفڪ جو دٻاءُ هو جنهن تي هن انڊر پاس سان ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن ٻڌايو ته اليونٿ ايونيو تي به ڪم شروع ڪيو پيو وڃي، جلد وڌيڪ وڏن منصوبن جي پڻ شروعات ٿيندي، ڪشمير چوڪ انڊر پاس پڻ تعمير ڪيو ويندو. ايس سي او ڪانفرنس کي نظر ۾ رکي شهر کي خوبصورت بڻايو پيو وڃي ۽ عالمي معيار جا انتظام ڪيا پيا وڃن، هڪ سال ۾ اسلام آباد کي جديد ۽ خوبصورت ترين شهر ۾ بدلائي ڇڏينداسين.