نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان مُختلف اڳواڻن هلندڙ هفتي دوران ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد  -24 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان، سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود ۽ مراڪش جي پرڏيهي وزير ناصر بوريتا هلندڙ هفتي دوران ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اها ڳالهه هن پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. …

اسلام آباد  -24 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان، سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود ۽ مراڪش جي پرڏيهي وزير ناصر بوريتا هلندڙ هفتي دوران ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اها ڳالهه هن پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم گذريل رات نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي، گهڻ رخي معاملن سان گڏوگڏ تازي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. هن چيو ته سينيٽر محمد اسحاق ڊار 21 آڪٽوبر تي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، پنهنجي تازي ڳالهه ٻولهه جي بنياد تي ٻنهي اڳواڻن غزه ۽ فلسطين سميت تازي علائقائي اڳڀرائين جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم کي 21 آڪٽوبر تي مراڪش جي پرڏيهي وزير ناصر بوريتا ٽيليفون ڪئي، ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي پنهنجي تازي ٻطرفي ملاقات جو ذڪر ڪندي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزير ناصر بوريتا کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي.