اسلام آباد -24 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي روڊ سيفٽي بابت خصوصي ايلچي جين ٽوڊ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران عالمي سطح تي روڊ سيفٽي جي فروغ ۽ پاڪستان ۾ محفوظ رستن جي لاءِ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جين ٽوڊ جي موٽر …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي روڊ سيفٽي بابت خصوصي ايلچي سان ملاقات
اسلام آباد -24 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي روڊ سيفٽي بابت خصوصي ايلچي جين ٽوڊ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران عالمي سطح تي روڊ سيفٽي جي فروغ ۽ پاڪستان ۾ محفوظ رستن جي لاءِ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جين ٽوڊ جي موٽر اسپورٽس، فلاحي خدمتن ۽ عالمي سطح تي رستن جي حفاظت جي لاءِ سندس نمايان ڪوششن کي ساراهيو. هن سمورن شهرين جي لاءِ محفوظ رستن جي فراهمي جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل قومون روڊ سيفٽي فنڊ، يو اين اي سي اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان گڏيل تعاون جاري رکڻ تي زور ڏنو.











