مظفر آباد _24 آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي 78 هين يوم تاسيس جي موقعي تي مظفر آباد ۾ 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. يوم تاسيس جي موقعي جي مناسبت سان صبح جي شروعات دعائيه تقريب سان ٿي. تفصيل مطابق دعائيه تقريب ۾ پاڪستان ۽ ڪشمير جي سلامتي ۽ ڪشمير جي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون. ان موقعي تي پاڪ فوج جي جوانن …
آزاد ڪشمير جي يوم تاسيس جي موقعي تي مظفر آباد ۾ 21 توپن جي سلامي
مظفر آباد _24 آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي 78 هين يوم تاسيس جي موقعي تي مظفر آباد ۾ 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. يوم تاسيس جي موقعي جي مناسبت سان صبح جي شروعات دعائيه تقريب سان ٿي. تفصيل مطابق دعائيه تقريب ۾ پاڪستان ۽ ڪشمير جي سلامتي ۽ ڪشمير جي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون. ان موقعي تي پاڪ فوج جي جوانن 21 توپن جي سلامي ڏني. توپن جي سلامي بعد پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير زنده آباد جا نعرا لڳايا ويا.











