اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي 80 هين يوم تاسيس، پاڪستاني فوج جي گڏيل قومن سان امن جي قيام لاءِ هڪ نمايان ۽ ڊگهي تاريخ آهي، پاڪستان 30 سيپٽمبر 1947ع تي گڏيل قومن جي امن مشن ۾ شامل ٿيو ۽ پاڪستان جي امن قائم ڪرڻ لاءِ هڪ سونهري تاريخ آهي، پاڪستان دنيا جي اٽڪل 31 ملڪن ۾ 2 لک 37 هزار کان وڌيڪ فوج سان …
گڏيل قومن جو 80 هون يوم تاسيس، پاڪستان امن جي قيام لاءِ دنيا جي 31 ملڪن ۾ 48 گڏيل مشنز ۾ حصو ورتو
اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي 80 هين يوم تاسيس، پاڪستاني فوج جي گڏيل قومن سان امن جي قيام لاءِ هڪ نمايان ۽ ڊگهي تاريخ آهي، پاڪستان 30 سيپٽمبر 1947ع تي گڏيل قومن جي امن مشن ۾ شامل ٿيو ۽ پاڪستان جي امن قائم ڪرڻ لاءِ هڪ سونهري تاريخ آهي، پاڪستان دنيا جي اٽڪل 31 ملڪن ۾ 2 لک 37 هزار کان وڌيڪ فوج سان گڏ 48 گڏيل مشنز ۾ حصو ورتو، جي موقعي تي گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ 182پاڪستاني جوانن سميت 27 آفيسرن پنهنجين حياتين جو نذرانو پيش ڪيو. تفصيل مطابق گڏيل قوم جو وجود ٻي عالمي جنگ جي پڄاڻي تي قائم ٿيو. گڏيل قومن جي بنيادي چارٽر مطابق گڏيل قومن جي قائم ٿيڻ جو مقصد ”ايندڙ نسل کي جنگ جي لعنت کان محفوظ رکڻ“ هو. گڏيل قومن جي قيام جو ٻيو وڏو مقصد اقتصادي ۽ سماجي ترقي آڻڻ هو، گڏيل قومن جو مرڪزي مشن عالمي امن ۽ سلامتي قائم رکڻ آهي، ان مشن جي مڪمل ٿيڻ لاءِ تڪرارن کي روڪڻ ۽ انهن کي محدود ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ آهي. 24 آڪٽوبر 1945ع تي گڏيل قومون، سيڪيورٽي ڪائونسل ۽ گڏيل قومن جو چارٽر وجود ۾ آيا، پاڪستان جي فوج جي گڏيل قومن سان امن جي قيام لاءِ هڪ نمايان ۽ ڊگهي تاريخ آهي، پاڪستان 30 سيپٽمبر 1947ع تي گڏيل قومن جي امن مشن ۾ شامل ٿيو، پاڪستان 1969ع ۾ ڪانگو ۾ گڏيل قومن جي آپريشنز ۾ پنهنجو پهريون جٿو مقرر ڪيو.











