پشاور/هنگو-24 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي ضلعي هنگو ۾ هڪٻئي پُٺيان 2 ڌماڪن جي نتيجي ۾ سپرينٽنڊنٽ پوليس (ايس پي) آپريشنز سميت 3 پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. شهيد پوليس آفيسر جي سُڃاڻپ ايس پي آپريشنز اسد زبير جي نالي سان ٿي آهي. پوليس ٻُڌايو ته هڪ ڌماڪي ۾ ايس پي آپريشنز جي گاڏيءَ کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ 3 ٻيا پوليس …
هنگو ۾ هڪٻئي پُٺيان 2 ڌماڪا، ايس پي آپريشنز سميت 3 پوليس اهلڪار شهيد، 3 زخمي

مزید خبریں
پشاور/هنگو-24 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي ضلعي هنگو ۾ هڪٻئي پُٺيان 2 ڌماڪن جي نتيجي ۾ سپرينٽنڊنٽ پوليس (ايس پي) آپريشنز سميت 3 پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. شهيد پوليس آفيسر جي سُڃاڻپ ايس پي آپريشنز اسد زبير جي نالي سان ٿي آهي. پوليس ٻُڌايو ته هڪ ڌماڪي ۾ ايس پي آپريشنز جي گاڏيءَ کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ 3 ٻيا پوليس اهلڪار به زخمي ٿيا. ضلعي پوليس سربراهه خان زيب مهمند ايس پي آپريشنز سميت ٻين اهلڪارن جي شهادت جي تصديق ڪندي چيو ته زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال هنگو منتقل ڪيو ويو آهي. پهريون ڌماڪو غل مينه ۾ هڪ پوليس چؤڪيءَ ويجهو ٿيو جنهن ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته چؤڪيءَ ويجهو هڪ ڪمرو تباهه ٿي ويو. ٻيو ڌماڪو 2 ڪلوميٽر پري دربند جي علائقي ۾ ٿيو جنهن ۾ ان پوليس ٽيم کي نشانو بڻايو ويو جيڪو اڳ ئي پهرين واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري رهي هئي. ان حملي ۾ ايس پي اسد زبير ۽ 3 اهلڪار شهيد ٿيا. زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال هنگو منتقل ڪيو ويو. بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ پوليس ڪمانڊوز علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي واقعي کانپوءِ آءِ جي پوليس کان فوري رپورٽ طلب ڪندي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي اپيڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس به طلب ڪيو. وڏي وزير جي آفيس مان جاري بيان چيو ويو آهي ته وڏي وزير ان واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي افسوسناڪ قرار ڏنو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان واقعي ملوث ڌُرين کي هر قيمت تي منتقي انجام تائين پهچايو ويندو، اهڙا بزدلاڻي حملا سي ٽي ڊي ۽ ڪي پي ڪي پويلس فورس جي حوصلن کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن جن ۾ هڪ سپرينٽنڊنٽ آف پوليس به شامل آهي جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ امن جي قيام لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا. وڏي وزير شهيدن اهلڪارن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي.










