علائقائي رابطن جي فروغ سان معاشي ۽ واپاري شعبي ۾ انقلاب ايندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد  -24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻطرفي ۽ علائقائي رابطن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته علائقائي رابطن جي فروغ سان معاشي ۽ واپاري شعبي ۾ انقلاب ايندو، واپار، معيشت ۽ توانائي ۾ تعاون نئين دور جي شروعات ٿيندي، قديم زماني کان اسان جو خطو معاشي ۽ واپاري لنگهه رهيو آهي، وڌندڙ معاشي اهميت ان قديم لنگهه جي اهميت کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو …

اسلام آباد  -24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻطرفي ۽ علائقائي رابطن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته علائقائي رابطن جي فروغ سان معاشي ۽ واپاري شعبي ۾ انقلاب ايندو، واپار، معيشت ۽ توانائي ۾ تعاون نئين دور جي شروعات ٿيندي، قديم زماني کان اسان جو خطو معاشي ۽ واپاري لنگهه رهيو آهي، وڌندڙ معاشي اهميت ان قديم لنگهه جي اهميت کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، ٽرانس افغان ريلوي ۽ اسلام آباد، تهران، استنبول لنگهه سميت ريلوي ڳانڍاپي تي پڻ ڪم ٿي رهيو آهي، ڊيجيٽل دور ۾ رابطا ڊيٽا ۽ ٽيڪنالاجي تائين پکڙجي چڪا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ريجنل ٽرانسپورٽ منسٽرز ڪانفرنس جي پڄاڻي واري ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ 20 کان وڌيڪ ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ ريلوي وارو وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پڻ ان موقعي موجود تي هئا. وزيراعظم پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران سڄي دنيا مان آيل مهمانن ۽ نمائندن جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته پاڪستان جي لاءِ هن انتهائي اهم ڪانفرنس جي ميزباني انتهائي اهميت رکندڙ آهي هي ڪانفرنس اهڙي وقت ۾ ٿي رهي آهي جڏهن سڄي دنيا ۾ ٽرانسپورٽ ۽ رابطن جو منظرنامو تبديل ٿي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته صدين اسان جي سرزمين، جيڪا اڄ پاڪستان سڏرائي ٿي، رابطن جو ذريعو ۽ اهم گذرگاهه رهي آهي، اسان انهن روشن دورن جون ڪهاڻيون ٻڌيون آهن جڏهن هي خطو درجنين ملڪن جي وچ ۾ واپار جي سامان، ثقافتي روايتن ۽ تخليقي خيالن جي مٽاسٽا جو ذريعو هو، قديم شاهراهه ريشم کان وٺي اڄ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايتو تائين اسان جو خطو سدائين کان رابطن ۽ موقعن جي سرزمين رهيو آهي، اڄ بدلجندڙ جاگرافيائي سياسي حالتن ۽ معيشت جي وڌندڙ اهميت ان قديم لنگهه ۾ نئين روح وجهي ڇڏي آهي جنهن ماضي جي هڪ تاريخي ورثي کي اسان جي مستقبل جي هڪ اسٽريٽجڪ ضرورت ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جو عرب سمنڊ ۽ نار فارس جي گرم پاڻين کان وٺي قراقرم ۽ هماليه جي عظيم جبلن ۽ واديءَ سنڌ جي وسيع ميدانن تي ٻڌل خطو چين، يوريشيائي زميني لنگهه ۽ وچ اوڀر جي سنگم تي موجود آهي، هي هڪ منفرد مرڪز آهي جيڪو چين، وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي معاشي لنگهن کي ڳنڍي ٿو، پاڪستان جي ڊگهي سامونڊي پٽيءَ بشمول گوادر ۽ ڪراچي جون بندرگاهون سمنڊ کي شاهراهه ريشم سان ڳنڍين ٿيون. وزيراعظم ياد ڏياريو ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ محمد قائد محمد نواز شريف سدائين ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته امن ۽ ترقي هڪ ٻئي سان واڳيل هوندا آهن، جون 2013ع ۾ وزيراعظم چونڊجڻ جي فوري پوءِ هن جي اولين قدمن مان هڪ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي معاهدي تي صحيحون هو جيڪو صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو فليگ شپ منصوبو آهي، سي پيڪ خطي جي لاءِ هڪ انقلابي منصوبو ثابت ٿيو آهي جنهن چين، وچ ايشيا، ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي وچ ۾ منڊين ۽ عوام کي ڳنڍي ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته گوادر بندرگاهه کي چين جي صوبي سنڪيانگ سان ڳنڍي هن واپار ۽ توانائي جي لاءِ تعاون جا نوان رستا کولي ڇڏيا آهن جيڪي رابطي، موقعن ۽ ثقافتي مٽاسٽا جو هڪ اهم ذريعو بڻجي چڪا آهن. هن چيو ته مون کي اهو ٻڌائيندي فخر محسوس ٿي رهيو آهي ته سي پيڪ جي پهرين مرحلي جي ڪاميابي کانپوءِ هاڻي اسان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون جيڪو بزنس ٽو بزنس حصيدارين کي فروغ ڏيڻ، چيني ڪمپنين جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا وڌائڻ ۽ گڏيل خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ثابت ٿيندو. هن چيو ته اسان ڪيترن ئي ريل رابطا منصوبن تي پڻ ڪم ڪري رهيا آهيون جن ۾ ٽرانس افغان ريلوي ۽ اسلام آباد، تهران، استنبول لنگهه شامل آهي جيڪو سرحد پار واپار ۽ رابطن جي حوالي سان انقلاب آڻيندو، اهڙي طرح وچ ايشيائي ملڪن سان هوائي رابطن ۾ بهتري ۽ ٽي آءِ آر ڪنوينشن (عالمي چرپر جو معاهدو) جهڙا فريم ورڪ پڻ اسان جي علائقائي تعاون کي مضبوط بڻائي رهيا آهن. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته اهي عظيم منصوبا خطي جي ملڪن جي معاشي طاقت کي گڏ ڪري واپار، معاشي تعاون ۽ توانائي جي حصيداري جي هڪ نئين دور جي شروعات بڻجندا. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڊيجيٽل دور ۾ رابطا رڳو رستن، ريلوي ۽ هوائي رستن تائين محدود ناهن رهيا، اهي ڊيٽا ۽ ٽيڪنالاجي تائين پکڙجي چڪا آهن، پاڪستان ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي ته جيئن اسان چوٿين صنعتي انقلاب جي رفتار سان گڏ هلي سگهون. ان کانسواءِ پاڪستان سنگل ونڊو سسٽم جهڙا قدم واپاري عمل ۾ انقلابي تبديلي آڻي رهيا آهن، سرڪاري رڪاوٽن کي گهٽ ڪري رهيا آهن ۽ سرحد پار ڏيتي ليتي کي وڌيڪ موثر بڻائي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان واپار، توانائي جي مٽاسٽا ۽ سرحد پار چرپر جي نيٽ ورڪس کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي هر موزون فورم تي رابطن کي فعال بڻائي رهيو آهي، ان حقيقت کي بار بار ورجائڻ جي ضرورت آهي ته واپار ۽ اقتصادي تعاون ۾ حصيداري، سڀني جي لاءِ هڪ جهڙي فائديمند ۽ سمورين ڌرين جي لاءِ ڀرپور ثمر رکندڙ آهي، اهو اسان جي امن جي گڏيل مفاد ۽ خطي ۾ ترقي جي ڪوششن کي سگهه ڏيندو. هن شرڪت ڪندڙن کي دعوت ڏني ته اسان سڀ گڏجي تعاون جون نيون راهون کوليون ته جيئن اسان جي ايندڙ نسل ترقي ۽ خوشحالي مان فائدو کڻي سگهي. ان موقعي تي مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته ريجنل ٽرانسپورٽ منسٽرز ڪانفرنس علائقائي رابطا وڌائڻ جي لاءِ اسان جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ رابطن ۽ معاشي ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، علائقائي واپار ۾ اضافو خطي جي ترقي جي لاءِ لازمي آهي، ڪانفرنس رابطن جي فروغ جي حوالي سان خيالن جي مٽاسٽا جو اهم موقعو فراهم ڪيو آهي.