اسلام آباد -24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليو جي خاتمي لاءِ پوليو ورڪرز جي خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته انهن جي محنت ۽ حڪومتي قدمن جي ڪري جلد پاڪستان مان پوليو جو خاتمو ٿيندو. هو پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي صحت وارو وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، اطلاعات ۽ نشريات وارو …
پوليو ورڪرز جي محنت ۽ حڪومتي قدمن جي ڪري جلد پاڪستان مان پوليو جو خاتمو ٿيندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد -24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليو جي خاتمي لاءِ پوليو ورڪرز جي خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته انهن جي محنت ۽ حڪومتي قدمن جي ڪري جلد پاڪستان مان پوليو جو خاتمو ٿيندو. هو پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي صحت وارو وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق، پوليو جي خاتمي لاءِ معاونت فراهم ڪندڙ ادارن جا عملدار ۽ سڄي ملڪ مان چونڊ پوليو ورڪرز پڻ موجود هئا. وزيراعظم پوليو جي خاتمي جي لاءِ صحت واري وفاقي وزير، لاڳاپيل عملدارن ۽ عالمي حصيدارن جي ڪوششن کي ساراهه جوڳو قرار ڏيندي چيو ته ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون. هن پوليو ورڪرز جي جرئت، لڳاءُ ۽ جذبي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ڪجهه وقتن تي اهي پنهنجون جانيون خطري ۾ وجهي مشڪل حالتن ۽ علائقن ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، انهن جي ڪوششن جي ڪري پاڪستان مان جلد پوليو جو خاتمو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي، پوري قوم ۽ حڪومت پاران پوليو ورڪرز جا ٿورا ادا ڪري ٿو. هن چيو ته پوليو جي خاتمي جي ڏهاڙي تي تقريب منعقد ڪرڻ ان مرض جي روڪٿام جي لاءِ حڪومتي عزم جو اظهار آهي. هن چيو ته پوليو جي خاتمي جي لاءِ عظيم پاڪستانين پنهنجون زندگيون ملڪ جي لاءِ وقف ڪيون آهن. هن ڊبليو ايڇ او، يونيسيف، بل گيٽس فائونڊيشن ۽ سعودي عرب سميت سمورن حصيدارن جا خاص طور تي ٿورا ادا ڪيا جيڪي پاڪستان مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ وڏي رقم خرچ ڪري رهيا آهن. ان کان اڳ وزيراعظم پوليو جي خاتمي لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ پوليو ورڪرز ۾ شيلڊز ورهايون. ان ۾ پنجاب، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، سنڌ، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت ملڪ جي سمورن صوبن ۽ علائقن سان تعلق رکندڙ پوليو ورڪرز شامل هئا.










