اسلام آباد -24 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪ چين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ سياسي، اقتصادي، واپاري ۽ عوام سان عوام جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه کي شاندار طريقي سان …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پاڪ چين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد -24 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪ چين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ سياسي، اقتصادي، واپاري ۽ عوام سان عوام جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه کي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي تيارين جو پڻ جائزو ورتو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.










